172

پاڪستان جو گڏيل قومن ۽ يورپي يونين کان ڀارتي پروپينگڊه ۾ استعمال ٿيندڙن خلاف جاچ جو مطالبو، ڀارت جو پروپيگينڊه وارو دائرو 116 ملڪن تان پکڙيل آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جعلي ڀارتي اين جي اوز ۽ ڪوڙي ميڊيا جي نيٽ ورڪ ذريعي گڏيل قومن ۽ يورپي يونين جو پاڪستان جي خلاف استعمال تي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزارت واري آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ قومي سلامتي ڪائونسل جي صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته ڀارت 15 ورهين کان ڪوڙ ذريجي پاڪستان جي سڃاڻپ کي متاثر ڪري رهيو آهي، يورپ جي ڊس انفوليب اسان جي موقف جي تائيد ڪري ان تي مُهر هڻي ڇڏي آهي. شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت جي  انهن سرگرمين جو دائرو دنيا جي 16 ملڪن تائين پکڙيل آهي، جنهن ۾ 750 کان وڌيڪ ڪوڙيون خبرون ويب سائيٽن ۽ 10 کان وڌيڪ اين جي اوز ۽ ٿينڪ ٽينڪ استعمال ٿي رهيا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ ڪوڙا مظاهرا ۽ تقريبون ڪرايا پيا وڃن، يورپي يونين ۾ پارليامينٽري گروپ ترتيب ڏنا ويا آهن، اسان چيو هو ته گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ هي گروپ چرپُر ۾ ايندا. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته فرينڊز آف بلوچستان ڀارت جي پروپينگڊه جي لاءِ جوڙيو ويو آهي، ڀارت ان گروپ ذريعي پاڪستان جي خلاف هائبرڊ جنگ ۾ ملوث آهي، پر پاڪستان ڀارت خلاف هر سطح تي مقابلو ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اي اين آءِ ڀارتي نيوز ايجنسي به ڪوڙي معلومات کي پکيڙڻ ۾ ملوث آهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو