لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ پوليس نه رڳو سنڌ پر برصغير جي پراڻي پوليس آهي، هن چيو ته مون کي اميد آهي ته توهان پوليس ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ جيئن توهان پنهنجي چمڙي جو خيال رکندا آهيو ائين ئي وردي جو به خيال رکندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اي ايس آءِ جو امتحان ميرٽ تي پاس ڪرڻ واري تقريب کي ايس او پي تحت خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ جي تقريب جا توهان خاص مهمان آهيو. ان موقعي تي هن نون ڪميشن پاس اي ايس آئيز کي مبارڪ ڏيندي چيو ته هن پروگرام ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اچڻو هو پر لاهور ۾ ڪجهه مصروفيات جي ڪري هو نه اچي سگهيو. ان لاءِ آءُ اوهان وٽ پهتو آهيان ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان توهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزير اعليٰ سنڌ چيو ته آءُ سلام پيش ڪيان ٿو سنڌ پوليس کي جن پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي امن امان برقرار رکيو جنهن جو ڪريڊٽ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي وڃي ٿو. هن چيو ته آءُ معذرت ڪيان ٿو ڇاڪاڻ ته هن پروگرام کي ڪووڊ جي ڪري ڪجهه وقت لڳي ويو، ان کان اڳ اهڙو پروگرام اسان سي ايم هائوس ۾ ڪيو هو. هن چيو ته توهان 30_40 سال سروس ڪندا جيڪو توهان لاءِ چئليج آهي. هن چيو ته اسان جو ڪم پوليس کي سٺا هٿيار ڏيڻ آهي ان تي ڪم ڪريون پيا، مون کي اميد آهي ته توهان صوبي جي عوام کي مثالي امن امان ڏيندا. هن چيو ته سنڌ پوليس تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي ڪجهه سالن ۾ سنڌ پوليس دنيا جي بهترين پوليس ۾ شامل ٿي ويندي. هن چيو ته تمام جلد سنڌ جي وڏي ۾ وڏي پل گهوٽڪي ۾ تعمير ڪرائي ويندي، هن کان اڳ سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏي پل به ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ پ جي حڪومت ۾ٺهرائي وئي هئي. ان موقعي تي 93 اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا جن ۾ 6 ڇوڪريون شامل هيون. جن ۾ صنم سومرو، صائمه جوڻيجو، صبا مغيري، اورنگزيب، مولابخش، صدام حسين ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر نون چونڊجي آيل اي ايس آئيز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته توهان جو رول پوليس ۾ ريڙهه جي هڏي جيان آهي ڇاڪاڻ ته توهان کي ئي ڏوهارين سان مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو جي بهادري جي ڪارنامي سرانجام ڏيڻ تي سنڌ پوليس جو مورال بلند ٿيو آهي جنهن کي نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا ۾ عزت ملي آهي اميد آهي ته توهان به پنهنجيون خدمتون نهايت ئي محنت، ايمانداري ۽ بهادري سان ڏئي سنڌ جي امن امان کي برقرار رکڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندا. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ، وزير اعليٰ سنڌ کي پوليس جي شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل انور سيال، وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار نثار احمد کهڙو، صدر پ پ پ لاڙڪاڻو خورشيد احمد جوڻيجو، چيئرمين پ پ پ جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو، ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد سليم رضا کهڙو، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، پ پ پ جي اڳواڻن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
307