289

تياريءَ لاءِ گهٽ وقت مليو، نيوزيلينڊ ۾ سٺو کيڏڻ مشڪل ضرور پر ناممڪن ناهي: مصباح الحق

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق جو چوڻ آهي ته اسان ڏکئي وقت ۾ راند لاءِ قرباني ڏني، اميد آهي ته راند لاءِ سڀ اهڙي ئي قرباني ڏيندا. نيوزيلينڊ جي شهر ڪوئنز ٽائون ۾ آن لائين پاڪستاني ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق جو چوڻ هو ته ڪووڊ 19 جي ڪري نيوزيلينڊ ۾ قانون سخت آهن، اسان ان قانون جو احترام ڪريون ٿا ۽ اسان احترام ڪيو به آهي. هن جو چوڻ هو ته بدقسمتيءَ سان آئسوليشن دوران ٽيسٽ مثبت آيا ۽ اسان سکيا نه ڪري سگهياسين، پريشانيون ضرور ٿيون، پر اسان جو سمورو فوڪس ڪرڪيٽ تي آهي ۽ جيڪا گهٽتائي رهجي وئي آهي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٽن هفتن جو ڪم هڪ هفتي اندر ڪرڻ مشڪل ضرور آهي پر مان سمجهان ٿو ته سٺي پرفارمنس جو مظاهرو ڪرڻ ناممڪن ناهي. هن چيو ته اسان پروفيشنل ڪرڪيٽر آهيون، خراب ڪارڪردگي تي معذرت پيش نٿا ڪري سگهون، اهو سڀني جي سامهون آهي ته اسان کي تياريءَ لاءِ گهٽ وقت مليو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو