لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت پاڪستاان ڊيموو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) کي مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ واري فيصلي تي اٽل بيٺل آهي، ذريعن موجب پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي جمع ٿيڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، جنهن ۾ پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي نوٽيفڪيشن کان پوءِ وڌيڪ نوٽيفڪيشن جي ضرورت نه آهي، پجاب جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 4 سيڪڙو ۽ لاهور شهر ۾ 8 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته لاهور ۾ دهشتگردي جي امڪاني خدشي سبب صوبي ۾ چوڪسي وڌائي ڇڏي آهي، پنجاب حڪومت جي ذريعن مطابق ڪورونا وبا وڌي رهي آهي، دهشتگردي جو به خدشو آهي ان ڪري ڪنهن کي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ممڪن نه آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت اها به مهم هلائي رهي آهي ته ڪورونا وائرس سبب عوام وڏن جلسن ۾ شريڪ نه ٿئي. ياد رهي ته پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي مينار پاڪستان واري ميدان تي جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، هوڏانهن وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اسان مخالفن کي نه جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏينداسين ۽ نه ئي انهن کي جلسن کان روڪينداسين.
207