جوھي (ن سوڀ) سماجي تنظيم ٿرديپ دادو پاران غذائي کوٽ بابت رضارڪار عورتن کي سکيا ڏني وئي. ڊسٽرڪٽ پروگرام آفيسر مائره سومرو ٻڌايو ته اسان جي اداري ٿرديپ پاران ڳوٺاڻي رضارڪار عورتن کي ٽن ڏينھن جي غذائي کوٽ، ان جا سبب، حل ۽ سماجي روين جي تبديلي آڻڻ ۽ آگاھي ڏيڻ بابت سکيا ڏني وئي. ھي سکيا ڏيڻ جو مقصد ڳورهاري، کير پياريندڙ عورتن ۽ ڪمزور ٻارڙن جي خوراڪ لاءِ ڪھڙا اپاءُ وٺڻ گھرجن، خوراڪ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڳورهاري، کير پياريندڙ ۽ پنجن سالن کان گھٽ عمر وارن ٻارن جي غذائي ضرورتن جي خاص خيال ڪرڻ گھرجي. سکيا ۾ حصو وٺندڙ ڳوٺاڻي رضاڪارن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا.
375