309

دادو ۾ ايس ايس پي فرخ رضا جي بدلي تي شهرين جي خوشيءَ وچان ريلي، مٺائي ورهائي وئي

دادو(ن سوڀ)ايس ايس پي دادو فرخ رضا جي بدلي ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ شھرين پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مٺايون ورهايون ويون. دادو ۾ ايس ايس پي فرخ رضا ملڪ جي بدلي ٿيڻ جي خوشي شهرين پاران عباس وگهيو ۽ مجيب پنهور جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. شهرين ميڊيا آڏو دانهيو ته ايس ايس پي دادو سياسي سفارش تحت ٿاڻي تي من پسند ماڻهو مقرر ڪيا، جنهنڪري بدامني چوٽ چڙهي وئي، ٻن سالن دوران شهر ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيا، هزارن جي تعداد ۾ ڦرون ۽ ڌاڙا هنيا ويا. هنن چيو ته ايس ايس پي دادو جي بدلي تي اسان تمام گهڻو خوش ٿيا آھيون، شهرين پاران شهر ۾ پڻ مٺايون ورهايو ويون آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو