لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ۽ وڏي وزير عثمان بوزدار وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، ملاقات پي ڊي ايم جلسي سوڌو اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، ذريعن موجب ملاقات ۾ قانون کي هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي پنجاب جي گورنر چوڌري سرور جو چوڻ هو ته آئيني مدي کان اڳ حڪومت ڪاڏي به وڃڻ واري نه آهي، پي ڊي ايم کي عوام جي زندگي نه پر پنهنجي سياست وڌيڪ پياري آهي، مخالف ڌر جي استيفائن ۽ احتجاج سان حڪومت کي ڪوبه فرق نه پوندو. ڪورونا ۾ واڌ باوجود مخالف ڌر جو جلسو خطرناڪ آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته مخالفن جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، پي ڊي ايم کي جيترا وڻي جلسا ڪري پر حڪومت قائم رهندي، عمران خان جي قيادت پاڪستان ترقي طرف وڌي رهيو آهي
