211

پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ بلوچستان جي ترقيءَ لاءِ 11.1 بلين جو معاهدو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ بلوچستان جي ترقيءَ لاءِ 11.1 بلين جو معاهدو ٿي ويو آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يورپي يونين ۽ پاڪستان وچ ۾ ٺاهه تي صحي واري تقريب اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ 11 ارب هڪ ڪروڙ جو معاهدو طئي ٿيو. معاهدي ۾  بلوچستان لاءِ پاڻي جا وسيلا، پرائمري ۽ مڊل تعليم وارا پروگرام شامل آهن. اِي اي ڊي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي ترقيءَ لاءِ يورپي يونين جي پروگرام تي سندن ٿورائتا آهيون، جڏهن ته يورپي يونين جي سفير جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ سهڪار جاري رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو