ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ٻيهر چارج وٺندي ئي انتظامي عملدارن جي بدلين وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر برفت سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊميشن غلام محمد ڀٽو کان رجسٽرار واري اضافي ذميواري واپس وٺي امير علي ابڙو کي ٻيهر رجسٽرار مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کانپوءِ امير علي ابڙو سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار طور چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته وقتي وي سي ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو پاران مقرر ڪيل سمورن انتظامي عملدارن جي بدلي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مختلف پوسٽن تي ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو پاران ڪيل آفيسرن کي هٽائڻ سميت ٻين انتظامي ڪيل فيصلن کي پڻ واپس ڪيو ويندو. رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته رجسٽرار جي تبديلي معمول جو حصو آهي، غلام محمد ڀٽو پنهنجي ڊائريڪٽر ايڊميشن جون ذميواريون سنڀاليندو. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار امير علي ابڙو اڳوڻي وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو طرفان 5 آڪٽوبر 2020ع ۽ 28 آڪٽوبر 2020ع تي ڪيل فيصلن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
