298

پي ڊي ايم حڪومت کي ڳالهين کان جواب ڏئي ڇڏيو،هاڻ وقت ختم ٿي چڪو،ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي:بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جو گڏيل اعلان

لاهور ( م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جي اهم ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ هنن حڪومت سان ڳالهين جا دروازا بند ڪرڻ ۽ پي ڊي ايم جي فيصلن تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ ۽ گرفتارين جي صورت ۾  ڀرپور مزاحمت ڪرڻ تي اتفاق پڻ ڪري ورتو ۽ چيو آهي ته هاڻي ڳالهين جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جي  ملاقات جاتي امراءَ ۾ ٿي. ملاقات دوران بلاول ڀٽو مريم نواز سان سندس ڏاڏيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ملاقات دوران لاهور جلسي سميت حڪومت مخالف تحريڪ تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. پ پ ذريعن چيو آهي ته ملاقات ۾ پي ڊي ايم جي فيصلن تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويندو. گرفتارين جي صورت ۾  ڀرپور مزاحمت ڪرڻ تي اتفاق پڻ ڪيو ويو. ملاقات کان پوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جون مريم نواز سان گڏجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاهور ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، پي ڊي ايم فيصلو ڪيو آهي ته 31 ڊسمبر تي سمورين پارٽين جي قيادت وٽ استعفائون جمع ٿينديون. مون وٽ هينئر کان ئي ڌڙا ڌڙ  استعفائون اچي رهيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته اسين سنڌ اسيمبليءَ جي قرباني ڏينداسين قومي اسيمبلي ءُ جي قرباني ڏينداسين ان جو رڳو هڪ ئي مقصد آهي ته وفاقي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪجي، وفاقي حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻ وارو ڪيس پارٽي جي سي اي سي ۾ رکندس، ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو لانگ مارچ ڪنداسين. حڪومت سان ڳالهين جو وقت گذري ويو،  هي اهو وقت آهي ته هو صورتحال جو پاڻ ئي اندازو ڪري استعفا ڏئي هليا وڃن. بلاول چيو ته  حڪومت ۽ سهولتڪارن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. پي ڊي ايم جا پلان اڳتي وڌڻ سان حڪومت جي پريشاني واضح نظر اچي رهي آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏينديون، جنهن مان ڪو ٻيو فائدو وٺي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ڊي ايم جي قيام وقت کان ان ۾ ڏار پيدا ٿيڻ ۽ ٽوڙڻ جا خواب ڏٺا پئي ويا، حڪومت جي پريشاني سڀني جي سامهون آهي.پ پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان جو نظريو هر روز تبديل ٿيندو آهي، پهرين ڌمڪيون ڏيندو هو هاڻ ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ اين آر او گهري رهيو آهي، پر هٿ ٺوڪي حڪومت سان ڳالهين جو وقت گذري ويو، هٿ ٺوڪيو پاڻ ئي گهر هليو وڃي ته سٺو آهي، حڪومت ۽ ان جي سهولتڪار اسٽيبلشمنٽ کي گهر موڪلڻو آهي، سليڪٽرز جو نالو کليل نموني ان ڪري نه ورتو جو هن جو مان رکون ٿا. ان موقعي تي مريم نواز چيو ته حڪومتي وزيرن اسان سان رابطو ڪيو آهي پر اسان کين ڪو به جواب نه ڏنو آهي، عمران خان کي اين آر او نه ڏينداسين، نواز شريف ۽ پي ڊي ايم سان مقابلي جي دعويٰ ڪندڙ اڄ ڳالهين لاءِ تيار آهن، مريم نواز چيو ته لڳي ٿو ته حڪومت جو مقابلو پي ڊي ايم سان نه پر ڊي جي بٽ ۽ ڊيڪوريشن وارن سان آهي. مريم نواز چيو ته سليڪٽڊ کي چوان ٿي رستي تان هٽي وڃي،  حڪومتي وزير ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، حڪومتي وزير ٽن ڏينهن کان ن ليگ جي سينيئر قيادت سان رابطا ڪري رهيا آهن پر انهن جي ڳالهه ٻڌڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي، عمران خان خدائي لهجي ۾ چيو هو ته اين آر او نه ڏيندس هاڻ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ پي ڊي ايم کان اين آر او گهري رهيو آهي، ڪٺ پتلي حڪومت پاڻ کي ويندي ڏسي ڳالهيون ڪرڻ ۽ پارليامينٽ ياد اچي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو