318

سنڌ يونيورسٽي ۾ اجلاس، ڪورونا وائرس سبب ٿيل تعليمي نقصان جي ازالي لاءِ جامع حڪمت عملي تيار

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت هيٺ ڊينز ۽ داخلائن جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو آن لائين اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيل تعليمي نقصان جي ازالي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي، جنهن تحت سيڪنڊ سيمسٽر جي سمورن بئچن جا آن لائين ڪلاس 22 جنوري 2021ع تائين هلائڻ ۽ سياري جون موڪلون معطل ڪرڻ سميت اهم فيصلا ڪيا ويا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت هيٺ ٿيل آن لائين اجلاس ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر امير علي ابڙو کانسواءِ مختلف شعبن جي ڊينز ۽ ايڊميشن ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب يونيورسٽي ۾ ٿيل تعليمي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو، جنهن لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. حڪمت عملي تحت سياري جون موڪلون ختم ڪري 22 جنوري 2021ع تائين سيڪنڊ سيمسٽر جي سمورن بئچن جا آن لائين ڪلاس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد سيڪنڊ سيمسٽر جا امتحان به آن لائين ورتا ويندا، جيڪي 25 جنوري 2021ع کان 12 فيبروري 2021ع تائين جاري رهندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تعليمي سال 2021ع تحت نئين بئچ جا ڪلاس 15 فيبروري 2021ع کان هلايا ويندا. اجلاس ۾ بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ داخلا واري تاريخ ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جي واڌ ڪرڻ جي منظور ڏني وئي، جنهن تحت داخلا جا خواهشمند هاڻي 18 ڊسمبر 2020ع تائين آن لائين فارم جمع ڪرائي سگهندا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر برفت چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ زير تعليم شاگردن جو مستقبل کيس عزيز آهي، تنهن ڪري ڪوشش ڪري سندن قيمتي وقت بچايو ويندو ۽ ڊگريون کين وقت سر ڏنيون وينديون. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪورونا سبب غير معمولي حالتن باوجود يونيورسٽي کي تعليمي ڪئلينڊر تي آندو ويندو. هن چيو ته سڀ کان اڳ زندگي اهم آهي ۽ ان ڳالهه جي اهميت کي نظر ۾ رکندي گذريل سيمسٽر دوران به ڪاميابيءَ سان آن لائين ڪلاس هلايا ويا ۽ امتحان به آن لائين ڪرايا ويا ته جيئن شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي به عالمي وبا کان محفوظ رکي سگهجي، جنهن ۾ پڻ اسان سوڀارا رهياسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو