اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نومبر ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو جاري رهيو، پاڪستان جي معيشت لاءِ وڌيڪ سٺيون خبرون اچي رهيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پورهيتن پاران موڪلجندڙ مٽاسٽا جو ناڻو مسلسل ڇهين مهيني به 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ رهيو جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب مٽاسٽا جو ناڻو آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ 2.4 سيڪڙو اضافي سان 2.34 ارب ڊالر تائين پهچي ويو. نومبر 2019ع جي ڀيٽ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 28.4 سيڪڙو اصافو ٿيو.
