نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ 3.6 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي، جنهن جو سبب ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي جلد دستيابي سان ڪاروباري ۽ پيداواري سرگرميون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي. نيويارڪ ۾ برنٽ نارٿ سي ڪروڊ جو وقفي تي اگهه 1.76 ڊالر(3.6 سيڪڙو) جي اضافي سان 50.62 ڊالر في بيرل رهيو، ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جا سودا 1.68 ڊالر(3.7 سيڪڙو) اضافي سان 47.20 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا.
236