165

پيپلز پارٽي پنهنجي ميمبرن کي بلاول هائوس ۾ استعيفيٰ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پنهنجي ميمبرن کي بلاول هائوس ۾ استعيفيٰ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سنڌ اسيمبليءَ جي سمورن ميمبرن کي استعيفيٰ بلاول هائوس ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه کي به اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اعليٰ قيادت پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته ميمبر سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي نالي سان لکت ۾ استعيفيٰ 14 ڊسمبر تائين سيڪريٽريٽ چيئرمين وٽ جمع ڪرائين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو