301

حڪومت پي ڊي ايم کي محفوظ رستو ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي،شيخ رشيد کي به ميدان تي لاهي ڇڏيو، اهم ٽاسڪ سان گڏ گهرو وزارت سندس حوالي،قانون ٽوڙڻ تي ايڪشن ٿيندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عمران خان پنهنجي ڪابينا جي ٻن اهم وفاقي وزيرن جي قلمدانن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن مطابق ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد کان ريلوي واري وزارت جو قلمدان واپس وٺي وفاقي گهرو وزير وارو قلمدان ڏنو ويو آهي، وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه جو به قلمدارن تبڊيل ڪيو ويو آهي ۽ ان کي هاڻي منشيات جي روڪٿام وارو قلمدان ڏنو ويو آهي، ان کان علاوه اعظم خان کي شيخ رشيد وارو ريلوي وارو قلم دان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته خزاني واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ کي وفاقي وزير طور قسم کڻڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ناڻي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان شيخ رشيد جي گهرو وزير بنائڻ واري پراڻي خواهش پوري ڪندي کيس پي ڊي ايم خلاف ڪارروائي جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب عمران خان جي حڪومت قائم ٿيڻ شرط شيخ رشيد جي خواهش هئي ته کيس گهرو وزير بڻايو وڃي جنهن لاءِ هن عمران خان سوڌو اهم اڳواڻن کان گهرو وزارت واري قلمدان جي گهر پڻ ڪئي هئي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان تجربي جي بنياد تي شيخ رشيد کي ريلوي جو وزير بنايو هو، جنهن لاءِ وزيراعظم جي اڳوڻي خصوصي صلاحڪار نعيم الحق شيخ رشيد کي ريلوي واري وزارت سنڀالڻ تي راضي ڪيو هو، ذريعن موجب حڪومت شيخ رشيد کي پي ڊي ايم جي جلسن ، لانگ مارچ ۽ سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ٽاسڪ ڏنو ويو آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو