238

پاڪستان ايران سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: اسد قيصر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان ايران سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ايران ۽ پاڪستان جي عوام هڪ ٻئي سان گهري وابستگي رکن ٿا، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجها دوستاڻا لاڳاپا خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ لازمي آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اڄ هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ايران ۽ پاڪستان جي عوام هڪ ٻئي سان گهري وابستگي رکن ٿا. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجها دوستاڻا لاڳاپا خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت ٻنهي ڀائرن پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش رکي ٿي. گڏيل مفادن واري لاءِ ٻنهي ملڪن کي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو. مسلمان دنيا کي درپيش مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ سمورن مسلمان ملڪن کي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. پاڪستان ۽ ايران کي مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ متحرڪ پارلياماني سفارتڪاري ضروري آهي. عالمي اهميت وارن معاملن تي ٻنهي ملڪن کي اتفاق راءِ سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي.. پاڪ ايران بارڊر تي واپاري سرگرميون وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي ٻطرفا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن ۾ واپار جا وسيع موقعا موجود آهن. ان مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. ملاقات ۾ ايراني سفير چيو ته ايران پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ايران خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان کي حصيدار سمجهي ٿو. هن چيو ته ايران جي قيادت ۽ حڪومت ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهشمند آهي. ايراني سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ٻنهي قومن جي وچ ۾ قديم تاريخي لاڳاپا آهن ۽ ٻئي پاڙيسري ملڪ هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا آهن. مسلمان ملڪن جي وچ ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. موثر حڪمراني جي لاءِ بنهي ملڪن جي وچ ۾ ادارن جي سطح تي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو