اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت احد چيما خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي 15 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي استغاثه جي گواهن کي بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. جج امجد نذير چوڌري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جمعي تي احد چيمه کي ڪيمپ جيل مان احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالتي ٻڌڻي تي جوابدار احد چيمه جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته وڪيلن جي هڙتال سبب عدالتي ڪارروائي ۾ حصو نٿو وٺي سگهي. استدعا آهي ته ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. جنهن سبب ڪيس جي گواهه محمد سليم، محمد رمضان سميت ٻيا ٽن گواهن جا بيان قلمبند نه ٿي سگهيا. عدالت گواهن کي بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ٻيهر طلب ڪري ورتو. عدالت احد چيمه جي جوڊيشنل رمانڊ ۾ به ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ۾ هاڻي تائين 34 گواهه پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي چڪا آهن.
289