295

فيصل آباد ۾ اڻڄاتل جوابدارن ٻن ڀائرن کي بيدردي سان ذبح ڪري قتل ڪري ڇڏيو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي علائقي غوثيه ڪالوني ۾ قتل جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. اڻڄاتل جوابدارن 2 سڳن ڀائرن 18 ورهين جي شهباز ۽ 27 ورهين جي شهريار کي نشي وارو شربت پيارڻ بعد تيز اوزار سان ذبح ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس انتظاميه کي شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته پهريان ٻنهي ڀائرن کي نشي وارو شربت پياري بي هوش ڪيو ويو ۽ بعد ۾ تيز اوزار سان ذبح ڪري قتل ڪيو ويو. پوليس لاش تحويل وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا. واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو