341

عوام تي مڙهيل حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ سڀئي طريقا استعمال ڪيا ويندا: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي پارليامينٽ ۽ اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ جي معاملي تي ڪليئر آهي ۽ پارٽي جو هر هڪ ميمبر قيادت جي حڪم ۽ فيصلي تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، ملڪ ۽ عوام تي مڙهيل هن حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ سڀئي آپشن ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو آهي. نثار احمد کهڙي چيو آهي ته مخالف ڌر ٻيو ڪو اين آر او نه پر نيازي رموول آرڊيننس جي صورت ۾ اين آر او چاهي ٿي، عوام نيازي رموول آرڊيننس وارو اين آر او وٺي رهندو ۽ وزيراعظم کي هر صورت ۾ گهر وڃڻو پوندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت هن خوشفھمي ۾ نه رهي ۽ استعيفائن کان پوءِ ضمني چونڊون نه پر ملڪ ۾ وقت کان اڳ ئي چونڊون ٿينديون. هن چيو ته عمران خان ماضيءَ ۾ شيخ رشيد کي چپڙاسي مقرر ڪرڻ جي قابل نه سمجهندو هيو هاڻي کيس وزارت داخلا جو قلمدان ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. هن چيو ته چپڙاسيءَ جي قابل نه سمجهندڙ شخص کي وزارت داخلا جو قلمدان ڏيڻ وزيراعظم جو هڪ وڌيڪ يوٽرن آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۽ عوام لاءِ ٻيو ڪجهه ته ڪري نه سگهيو آهي پر يوٽرن جا رڪارڊ قائم ڪيا اٿس ۽ اِهو عمران خان جو 250 هون يوٽرن آهي. هن چيو ته وزيراعظم صاحب پي ڊي ايم جي جلسن توهان جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن هاڻي ته وڌيڪ جلسا ۽ جلوس ٿيندا پوءِ سوچو توهان جو ڇا حال ٿيندو؟ هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان اپوزيشن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار هجڻ جا بيان ڏئي هاڻي وڌيڪ پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏئي نه ٿو سگهي. پي پي پي سنڌ جي صدر چيو ته عوام پي ٽي آءِ جي سرڪار کان تنگ اچي چڪو آهي ان لاءِ عمران خان جو اقتدار تي وڌيڪ قابض رهڻ ملڪ لاءِ تباهي ثابت ٿيندو. هن چيو ته 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسي جي سلسلي ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو وڏو جلسي عام ٿيندو ۽ سڄي ملڪ مان عوام شرڪت ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو