لنڊن(م ڊ) برطانيا ڪراچي جي اڳوڻي ايس ايس پي رائوانوار تي برطانيا ۾ سفري پابندي هڻي ڇڏي، سندس اثاثا منجمد ڪيا ويا، جعلي پوليس مقابلن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي رائو انوار تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، برطانيا حڪومت چيو آهي ته رائو انوار مبينا طور 190 کان وڌيڪ پوليس مقابلن ۾ سڌوسنئون ملوث رهيو، نقيب الله محسود سميت 400 کان وڌيڪ ماڻهن جي عدالت کان مٿانهين قتل جو ذميوار بڻيو آهي، ان ڪري مٿس سفري پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
272