326

اڻڄاڻائي ۾ فيصلو ٿي ويو، ڏوهاري سنڌي سماج کي ٿي سمجهان،ديپڪ سان همدردي آهي،پٽ کان جدائي موت برابر سمجهان ٿي: سنيتا

حيدرآباد (رپورٽ: عزيز ڏاهري) حيدرآباد ۾ پوليس هٿان جڙتو مقابلو ۾ زخمي ٿيڻ بعد معذور بڻجي ويل نوجوان ديپڪ راج کان تازو عليحدگي اختيار ڪندڙ  ۽ مسلمان ٿي پرڻو ڪندڙ سنيتا راٺوڙ  جو بيان به سامهون اچي ويو آهي، سنيتا راٺوڙ عرف سونيا پنهنجي آڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مذهب ٽائي ٻي شادي ڪرڻ جو فيصلو اڻڄائي ۾ ٿي ويو، ديپڪ اڄ به روحاني دوست آهي، هن چيو آهي ته مون ديپڪ سان تمام گهڻي محبت ڪئي، هن سان انصاف ۽ سندس علاج لاءِ جدوجهد ڪئي، هيترن سالن جي پنڌ ۾ آئون ٿڪجي پئي هيس، آئون سنڌي سماج کي ڏهاري چونديس، ڇو ته سنڌي سماج ان صورتحال ۾ پنهنجو گهربل ڪردار ادا نه ڪري سگهيو، هاڻي مون تي اڱريون کنيون پيون وڃن، منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، جنهن جي به مون کي ڪا پرواهه ناهي، هن چيو ته منهنجا جذبا ڪنهن ٻئي شخص سان جڙي ويا، جيڪو پڻ مون سان سچو هو، منهنجون به ڪجهه خواهشون آهن، منهنجي لاءِ فيصلو ڪرڻ، روهن ۽ ديپڪ کي ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو هو، ٻڏتر جو شڪار هيس، ڏينهن رات سوچيو، نيٺ اڻڄاڻائي ۾ فيصلو ٿي ويو، جيڪو ٿيو سو ٿي ويو، ديپڪ پاڻ مون کي مرضي سان زندگي گذارڻ جي اجازت ڏني آهي، ديپڪ  اڄ به روحاني دوست آهي، ساڻس اڄ به همدردي آهي، هن کي تڪليف پهچندي ته مون کي تڪليف پهچندي، پٽ روهن سان آئون تمام گهڻو پيار ڪريان ٿي، روهن کان جدائي منهنجي لاءِ موت آهي، مون ڏاڍو ڏکيو فيصلو ورتو، اسان جي تعلق جي ڪري گهريلو معاملا ايترا بگڙي ويا هئا جو مون وٽ ٻيو چارو نه بچيو. ٻئي طرف سنيتا ۽ ديپڪ جي عليحدگي ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي، مارو ماڻهو سنيتا کي سندس ان فيصلي ۽ ديپڪ کي ان حال ۾ ڇڏي وڃڻ تي ميارون ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته کوڙ سارن ماڻهن سنيتا جي نالي شڪايتي خط به لکي ڇڏيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو