ٺٽو (ڊ ر) صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي وفات تي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. ڪالهه پيپلزپارٽي جي ايم پي اي سياسي سماجي شخصيت حاجي علي حسن زرداري شيرازي هائوس پهچي سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي لاڏاڻي تي سندس پوئنرن اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي، ايم اين اي اياز شاهه شيرازي، ايم پي اي رياض شاهه شيرازي سان تعزيت ڪئي. جڏهن ته صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، مڪيش چاولا، صوبائي وزير اسماعيل راهو، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر، اڳوڻي وڏي وزير صالح ڀوتاڻي جي پُٽن شهزاد، فرحان، قومپرست اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي، سنڌ ملاح فورم جو چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، پير رحماني، امتياز قريشي، ايس ٽي پي ٺٽي جو ضلعي صدر جلال شاھ، ملاح اڳواڻ محمد جمن جاڙو ملاح، حاجي خان ملاح، محمد خان ملاح ۽ ٻين پڻ شيرازي هائوس پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي.
264