ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ٽماٽي ۽ بصر جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ باوجود وفاقي حڪومت پاران ايران مان ٽماٽا ۽ بصر گهرائڻ ۽ سنڌ جي فصلن کي پرڏيهه وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ سبب آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان پهچي رهيو آهي ۽ سندن مٿي تي هٿ اچي ويا، مختلف شهرن ۾ آبادگارن، هارين ۽ آبادگار تنظيمن احتجاجي مظاهرا ڪيا، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ٽنڊوالهيار ۾ آبادگار تنظيم ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل (سارڪ) جي عھديدارن فياض شاھه راشدي، وڪيل ولي محمد ٿيٻو، مرتضيٰ اوٺو، ڊاڪٽر شڪيل پلھ، ڏاڏا بچل آريسر، شاد شاھنواز لغاري، عبدالواحد ھڪڙو ،ذوالقرنين جروار، ھادي بخش لغاري احتجاج ڪيو. ملڪاڻي شريف ۾ طارق محمود آرائين لطف ملڪاڻي ڌنو ريٻاري انور راجپوت رزاق دلواڻي حاجي علي بخش ملڪاڻي ۽ ٻين آبادگارن وفاقي حڪومت پاران ايران ۽ ٻاھرين ملڪن کان ٽماٽر ۽ بصر گھرائي سنڌ ۾ ٽماٽي ۽ بصر جو اگهھ گھٽائڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پنگريو جھڏو روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو. سوڀوديرو ۾ ٽماٽو ٻاھران گھرائڻ ۽ بصر جي ائڪسپورٽ بند ڪرڻ خلاف سارڪ جي مرڪزي اڳواڻ جمال محمود کھڙو، زاھد سامٽيو، غلام فريد سيال، محبوب سھتو، الفت سھتو، زاھد شيخ، حامد کھڙو، محمد راشد کھڙو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. نئون ڪوٽ ۾ آبادگارن محمد يوسف نھڙيو محمد سليم نھڙيو ديدار جسڪاڻي سڪندر چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪيو. عمرڪوٽ ۾ ٽماٽا ۽ بصر ٻاهران گهراڻ خلاف آبادگارن راجا رميز، مختيار لاشاري، نثار پنهور، علي راڄڙ، ڀومسنگ سوڍا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊگهڙي ۾ آبادگارن ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي، نثار احمد ڀرڳڙي، غلام قادر ڀرڳڙي، غلام فاروق جروار، نظير ڀرڳڙي،رياض جاني جروار ۽ ٻين احتجاج ڪيو. ٽنڊو باگو ۾ ضلع بچايو تحريڪ بدين ۽ آبادگارن رسول بخش شاھه پرويز آرائين عاري ڄام خاصخيلي سچل ھاليپوٽو سيد قمبر علي شاھه ۽ سچل ھاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. جهڏو ۾ سنڌ آبادگار تحريڪ جي سڏ تي اياز کوسو، وسيم راجپوت، نور محمد کوسو، نياز کوسو ايڊوڪيٽ ممتاز کوسو، پرڀو ڪولهي احتجاجي ريلي ڪڍي. مقصودو رند ۾ سنڌ آبادگار بورڊ پاران اعظم خان شير علي رند ڏاڏا علي خان عمراڻي ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڪامريڊ فتح محمد ڏاهري احتجاجي مظاهرو ڪيو. آبادگارن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي آبادگارن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري ٽماٽن ۽ بصر جي امپورٽ فوري طور بند ڪئي وڃي. حيدرآباد ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي اجلاس ڊي ٽين پليجو ھائوس تي ڊاڪٽر دلدار لغاري جي صدارت ۾ ٿيو،اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ لھندڙ فصلن جو اگھ ڪيرائي ايران مان ٽماٽو ۽ بصر گھرائڻ ھارين ۽ ۽ آبادگارن جو معاشي قتل عام آھي، فوري طور پرڏيهه مان گهرائڻ بند ڪري سنڌ مان ٽماٽو ۽ بصر ايڪسپورٽ ڪيو وڃي. ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاھد حسين ڀرڳڙي جو چوڻ آھي ته وفاقي حڪومت پاران ايران کان ٽماٽو درآمد ڪرڻ سبب سنڌ ۾ ٽماٽو تيار ٿيندي ئي اگهه ڪري پيو، آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا.ايوان زراعت سنڌ پاران 19 ڊسمبر ڇنڇر ڏينھن حيدرآباد پريس ڪلب آڏو ايوان زراعت سنڌ جي صدر سيد ميران محمد شاھه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو.
260