لاهور (بيورو رپورٽ) حڪومتي اجازت نه ملڻ باوجود پي ڊي ايم اڄ لاهور ۾ مينار پاڪستان واري اقبال پارڪ ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن استعيفائون پيش ڪري ڇڏيون آهن، جن ۾ پيپلز پارٽيءَ جا 70 ميمبر شامل آهن. لاهور ۾ ٿيندڙ جلسي جي ميزباني پاڪستان مسلم ليگ ن ڪري رهي آهي. مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي پنڊال تيار ڪري اسٽيج پڻ ٺاهيو ويو آهي، ڪرسيون به لڳي ويون آهن. پنجاب حڪومت پي ڊي ايم کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان اڳ ئي انڪار ڪري چڪي آهي. جنهن ڪري جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ مسلم ليگ(ن) جي ڪارڪنن گريٽر اقبال پارڪ جي 5 نمبر گيٽ جا تالا ڀڃي ڇڏيا، ليگي ڪارڪن اسٽيج ٺاهڻ لاءِ سامان کڻي پارڪ ۾ داخل ٿي ويا ۽ جلسي لاءِ اسٽيج ٺاهڻ سميت مختلف ڪم شروع ڪري ڇڏيا. پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ پي ڊي ايم ۾ شانل ٻين پارٽين جا ٻيا اڳواڻ پڻ هڪ ڏينهن اڳ ئي جلسي واري هنڌ پهچي انتظامن جو جائزو ورتو. سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن مان قافلا پڻ لاهور ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا. اڄوڪي جلسي کي پي ڊي ايم جو صدر جي يو آئي جو امير مولانا فضل الرحمان، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو، پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز، بي اين پي ( مينگل ) جو سربراهه اختر مينگل ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ خطاب ڪندا. هوڏانهن پي ڊي ايم جي فيصلي موجب مسلم ليگ ن)، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ بي اين پي جي ڪيترن ئي ميمبرن پنهنجون استعفائون پارٽي اڳواڻن وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارتيءَ جي 7 صوبائي وزيرن سميت 70 ميمبرن پنهنجون استعفائون پارٽي چيرمين بلاول ڀٽو جي حوالي ڪيون آهن. ته بلاول هائوس جي ترجمان موجب 99 مان 70 اسيمبلي ميمبرن پارٽي قيادت وٽ استعيفيٰ جمع ڪرائي آهي، 7 صوبائي وزير به شامل آهن. استعفا ڏيندڙڻ ۾ اطلاعات واري وزير ناصر شاهه، اسماعيل راهو، صوبائي وزير فراز ڏيرو، ساجد جوکيو ، محمود عالم ڄاموٽ، عبدالعزيز جوڻيجو، اين اي نويد ڏيرو ، ايم پي اي شاهد خان ٿهيم، ايم پي اي سيما فرحت سومرو ۽ ايم اين اي نصيبه چنا، شهلا رضا، لياقت آسڪاڻي، شازيه ڪريم سنگهار، هير سوهو ۽ محمد ساجد جوکيو ۽ ٻيا شامل آهن. نواز ليگ جي به وڌيڪ 5 چونڊيل ميمبرن استعفائون قيادت وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. جن ۾ ايم اين اي ساجد مهدي، ايم پي اي يوسف ڪسيليا، سردار خالد محمود ڊوگر ۽ ثاقب خورشيد شامل آهن. گجرانوالا مان نواز ليگ جي ايم پي اي چوڌري اقبال گجر به قيادت ڏانهن استعفا اُماڻي ڇڏي. ذريعن موجب جي يو آءِ جي 14 اسيمبلي ميمبرن پڻ پنهنجون استعفائون مولانا فضل الرحمان وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، ان کان علاوه اي اين پي، بي اين پي مينگل جي سمورن 10 ميمبرن ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي ميمبرن پڻ پنهنجون استعفائون پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. ٻي پاسي پي ڊي ايم لاهور جلسي لاءِ شرڪت ڪندڙن لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته شريڪ ٿيندڙ سمورا ڪارڪن سڃاڻپ ڪارڊ گڏ آڻين، موسم موجب چادرون، رومال ۽ مفلر به کڻي اچن، ڪارڪن ڇٽيون ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت وضو لاءِ به پاڻي گڏ رکن، اهي مقامي قيادت سان رابطي ۾ رهن ۽ پنهنجي ڌڙي کان ڌار نه ٿين. موبائل چارجنگ لاءِ پاور بئنڪ يا ڊبل بيٽري جو استعمال ڪن، قانون جو احترام ڪن، پنڊال ۾ سيڪيورٽي جي ذميوار انصار الاسلام تنظيم سان سهڪار ڪن، ڪنهن کي به ڪو نقصان نه پهچائين. پي ڊي ايم چيو آهي ته قومي هنڌن جي حفاظت اسان سڀني جي ذميواري آهي، سمورا ڪارڪن هڪ ٻي جو احترام ڪن ۽ بحث کان پاسو ڪن. ٻي پاسي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾چيو آهي ته جڏهن ٻيڙي ٻڏڻ لڳندي آهي ته توازن قائم ڪرڻ لاءِ سوارين جي جاءِ تبديل ڪئي ويندي آهي پر عوام جي سمنڊ ۾ لوڏا کائيندڙ ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ کان ڪير به نٿو بچائي سگهي. سوارين جي جاءِ بدلائڻ سان هاڻ ڪجهه نه ٿيندو، انشاءَ الله ٻيڙي ٻڏڻ واري آهي. مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومتي ماڻهن تي 13 ڊسمبر جس جلسي جو اثر پوڻ شروع ٿي ويو آهي. عوام جي طاقت سان حڪومت کي ووٽ جي عزت جو جواب ڏينداسين. ن ليگ جي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جلسي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جهيڙو يا ڪو حادثو ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ذميوار حڪومت ئي ٿيندي. حڪومت ڪيس داخل ڪرڻ جي تياري ڪري وٺي، سڀاڻي جلسو ضرور ٿيندو. هن چيو ته کاڌو مريم نواز کاڌو پر بدهضمي حڪومت کي ٿي وئي آهي. جلسو هر صورت ۾ ٿيندو. اوهان جي مرضي آهي ڪيترا به ڪيس داخل ڪريو اسان جا ڪارڪن ڊڄڻ وارا نه آهن. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جنوري ۾ حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سليڪٽيڊ سرڪار کي گهر وڃڻو پوندو، لاهور ۾ ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ لاءِ فيصلاتي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، جڏهن لاهور جاڳندو آهي ته سڀني کي پتو آهي ته ڪهڙو لانگ مارچ ٿيندو، اڄ کان پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ تحريڪ جو نئون مرحلو شروع ٿيندو، حڪومت جي گهر وڃڻ تائين جدوجهد جاري رهندي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم پليٽ فارم تان جمهوري جدوجهد ڪري رهيا آهيون، اڄ مينار پاڪستان وٽ ملڪ جو تاريخي جلسو ٿيندو، ڪارڪن ڄاڻين ٿا ته آمريت جو مقابلو ڪيئن ڪرڻو آهي، پيپلز پارٽي ڪارڪن جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي.
