274

ڪورونا جي سنگين صورتحال سبب جلسن جي اجازت نه ڏينداسين: وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ  عثمان بوزدار چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال سنگين آهي جلسن جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون، قانون مطابق هلنداسين، مخالف عوام جي زندگين سان نه کيڏن، پنجاب جي وڏي وزير گنگارام اسپتال جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ڊي ايم وارا عوام جي  زندگين سان کيڏڻ بند ڪن، مخالفن سان ويهي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، ڪورونا واري صورتحال ۾ جلسا ڪرڻ مناسب نه آهي، ڪورونا ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا دنيا جلسا جلوس ڪري رهي آهي جو اسان ڪري رهيا آهيون، ڪهڙي ايمرجنسي اچي وئي آهي جو جلسا جاري آهن،  سڀ آن بورڊ آهن ڪنهن سان به ڪو اختلاف نه آهن، پي ڊي ايم خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو