250

وزيراعظم سُرخرو ٿيندو، مخالف ڪيترو به زور لڳائين، نتيجو زيرو ملندو: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ئي سُرخرو ٿيندو، مخالف ڌر وارا ڪيترو به زور لڳائين نتيجي زيرو نڪرندو. وفاقي وزير شيخ رشيد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجو ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته آر پار بجاءِ سياسي ٻيڙي ڪُن ۾ ٻڏندي، ليڊر ڪال ڏيندو آهي، گهٽين ۽ محلن ۾ دعوتون ناهي ورهائيندو وتندو، ماڻهن کي خطرناڪ وائرس ۽ نيڪٽا جي الرٽ جي خبر نه ناهي، مخالفن جي ضد واري سياست بند گهٽي طرف وڃي رهي آهي، مخالف جي ضد جو نتيجو مايوسي ۽ ناڪامي جي صورت ۾ ملندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو