247

مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز کي لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ، مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي لاهور واري احتساب عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ شهباز شريف  ۽ حمزه شهباز پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران نيب جي شاهد جي بيان ته جرح ڪئي وئي، ٻڌڻي دوران ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب عدالت جي احاطي ۾ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ کيس گذريل ڏينهن جاتي امراءَ ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي جي نائب صدر مريم نواز وچ ۾ ٿيل ملاقات ۽ ان ۾ ٿيلن فيصلن بابت آگاهه ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو