255

منھڙو ۾ سمي جو تڙ ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ جي ڪري ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو، تدارڪ جي گهُر

منهڙو (ن سوڀ)منھڙو ۾سمي جو تڙ ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ جي ڪري ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪندي تدارڪ جي گهُر ڪئي آهي ان موقعي تي الله ڏوايولاشاري، رضامحمد لاشاري، سخي لاشاري، سجاول لاشاري، نظيراحمد لاشاري، بخشڻ لاشاري،  نادرلاشاري،  محمديوسف لاشاري، واحدبخش لاشاري ۽ ٻين ميڊيا سان  ڳالهائيندي چيو ته اسان جو  ڳوٺ قديمي آھي ان جي باوجود اسان جي ڳوٺ ۾ نه ناليون آهن  نه روڊ، ۽ نه گئيس آھي ۽ سڄي ڳوٺ جو پاڻي کارو ٿي ويوآھي مينهن وسڻ کان پوءِ گهرن مان نڪري نٿا سگهون، مينهن جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو چاليهه ورهين کان ووٽ ڏيندا آيا آھيون ان جي باوجود  ايم پي ايز ۽ ايم اين اي ووٽ وٺڻ کان پوءِ ظاهر ئي نٿا ٿين، گذريل ڪيترن سالن کان اسان جي ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ناهن ٿيا هنن ڊي سي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي ڳوٺ سمي جو تڙ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ۽ ڳوٺاڻن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو