رپڙي(ن سوڀ) رپڙي ڀرسان لانڍيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ قلب علي جتوئي واسي نوجوان جاويد جتوئي جي وارث عورتن امڙ عالما خاتون، زال ھير خاتون، مردن رجب جتوئي ۽ٻين ٻارڙا ساڻ ڪري پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ھنن ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ صابل ۽ قدير جتوئي اسان جي نوجوان جاويد جتوئي کان ھٿيارن جي زور تي 6مينهون ڦر ڪيون نوجوان پاران مزاحمت ڪرڻ تي کيس تشدد جو نشانو بڻايو ۽ آخر ۾ کيس ڄنگھه ۽ ٻانهن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن جو ميڊيڪل لاءِ ليٽر وٺي علاج لاءِ گمس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي جتي سندس جو علاج ھلندڙ آهي، ٻئي طرف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ لانڍيون پوليس 70 ھزار جي گهر ڪري رھي آھي، اسين غريب آھيون نوجوان جو علاج ڪرايون يا پوليس کي رشوت ڏيون، ھنن ايس ايس پي خيرپور ڊي آئي جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪندي چيو ته ڪيس داخل ڪرائي، اسان جو ڦر ٿيل چوپايو مال واپس ڪرائي اسان کي انصاف ڏياريو وڃي،
253