باقراڻي (سو ڀ اسٽوري) تعلقي باقراڻي جو شهر تعلقي هيڊڪوارٽر جو درجو رکڻ باوجود 21 هين صدي ۾ صحت، تعليم، صفائي سٿرائي سميت تمام بنيادي سهولتن کان محروم آهي، اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ٻين شهرن کي تعلقي جو درجو ڏيڻ سان گڏ باقراڻي کي به تعلقي جو درجو ڏنو ويو هو ، شهر ۾ ميونسپل ڪاميٽي آفيس، مختيارڪار آفيس، اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس سميت ٻين ادارن جي تعلقي آفيسرن جون آفيسون قائم ڪيون ويون جڏهن ته تعلقي اسپتال باقراڻي شهر بدران خير محمد آريجا ڀرسان ڳوٺ قلندرآباد ۾ تعمير ڪرائي وئي، باقراڻي تعلقي هيڊڪوارٽر شهر جو درجو رکڻ باوجود 21 هين صدي ۾ صحت، تعليم، صفائي سٿرائي سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي، صحت جي حوالي سان باقراڻي شهر واسي تعلقي اسپتال نه هجڻ سبب علاج لاءِ مجبورن عطائي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائين ٿا ۽ سندن زندگي داءُ تي لڳل آهي، تعلقي هيڊڪوارٽر شهر باقراڻي ۾ سرڪاري هڪ ويم گهر قائم ڪيل آهي، جتي هڪ ليڊي ڊاڪٽر سان گڏوگڏ هڪ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر صحت جون سهولتون مڪمل طور نه هجڻ باوجود پڻ مريضن جو چڪاس ڪري کين لاڙڪاڻي اسپتال ڏانهن علاج لاءِ موڪلين ٿا، اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي، اسپتال ۾ باقراڻي واسين لاءِ ڪي به صحت جون سهولتون موجود ناهن، زخمي، ڪتي جي ڏاڙهيل ، نانگ جي ڪکيل مريضن توڙي ويم ڪرائڻ لاءِ آيل مريضن ۽ ايڪسري، الٽرا سائونڊ سميت ٻين ٽيسٽن ڪرائڻ لاءِ مريضن کي لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويندو آهي ، جڏهن ته تعليم جي حوالي سان شاگردن ۽ شاگرياڻين لاء ڪوبه ڪاليج ناهي، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاڙڪاڻي کين وڃڻو پوندو آهي، ان کان علاوه باقراڻي شهر کي ٽائون جو درجو ختم ڪري باقراڻي جي هڪ ٻهراڙي جي يوسي مڏباهو ۾ شامل ڪيو ويو آهي ، جنهن سبب شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي جا ڍير پيل آهي، جڏهن ته باقراڻي روينيو آفيس ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سب رجسٽرار جي مقرري نه ٿيڻ سبب ڪرسي خالي پيل آهي جنهن سبب باقراڻي تعلقي ۾ زمين ۽ پلاٽن جي خريد فروخت ڪندڙ ماڻهن کي وڏي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. روينيو آفيس ڏانهن وڃڻو پوندو آهي، هوڏانهن ان سلسلي ۾ باقراڻي شهر جي مختلف سياسي سماجي ڌرين توڙي شهرين پاران باقراڻي شهر ۾ صحت ، تعليم سميت ٻين بنيادي مسئلن بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 21 هين صدي واري جمهوري دور ۾ باقراڻي تعلقي هيڊڪوارٽر شهر صحت، تعليم سميت ٻين بنيادي مسئلن جي ورچڙهيل آهي، باقراڻي شهر کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي افسوس آهي جو تعلقي هيڊڪوارٽر شهر جا رهواسي صحت جي سهولتن کان محروم آهن، ٻين علائقن جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ بيسڪ هيلٿ سينٽر سميت ٻيون اسپتالون قائم ڪيل آهن ، مگر افسوس باقراڻي شهر تعلقي جو درجو رکڻ باوجود صحت جون سهولتون اڻ لڀ هجڻ سبب هڪ ميٽرنٽي هوم مان علاج ڪرائن ٿا، جتي هڪ مقرر ڊاڪٽر کين چڪاس بعد لاڙڪاڻي علاج لاءِ موڪلي ٿو ، هتان جي رهواسين ارباب اختيارن کي باقراڻي طرف ڌيان ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.
285