259

وارهه ۾ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ٽي پي ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو

وارھ (ن سوڀ) وارھ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ  الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ٽي پي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن جبران ڇٽو، مرتضي چانڊيو ، سليم چولياڻي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ پارٽي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الطاف جسڪاڻي کي سنڌ سان محبت ۽ سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو آھي ته ايس ٽي پي اڳواڻ  الطاف جسڪاڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ سندس وارثن کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو