سيوهڻ ( ن سوڀ ) ڪورونا وبائي بيماري سبب تعليمي ادارا ۽ درگاهون بند هجڻ خلاف جدوجهد ڪاميٽي جي سڏ تي شهري اتحاد، سنڌ يونائيٽيٽڊ پارٽي، لعل شھباز ٽرسٽ، شيعا علماءِ ڪائونسل يونٽ سيوھڻ، نوجوان اتحاد، ريسٽ ھائوس ايسوسيئيشن، دڪاندار ايسوسيئيشن سوڌو سيوهڻ جا هزارين شھرين جو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي حضرت سخي قلندر لعل شهباز جي قديمي علم پاڪ کان پريس ڪلب سيوهڻ تائين سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي احتجاجي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن ڪامريڊ اڪبر ملاح، صفدر حسين نجفي غلام اڪبر ڪٽوهر، گلاب بليدي علي نواز سولنگي، ابراهيم چانڊيو، خالد حسين جتوئي، محمد بخش رند، ماما اصغر ڪوريجو، احسان رند، آزاد منصور چنا، مريد خان بروهي سوڌو ٻين اڳواڻن ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ڪرونا وائرس جو سبب ڄاڻائي سنڌ جون درسگاهون ۽ درگاهون بند ڪيون آھن جنهن جي سخت لفظن مذمت ڪجي ٿي سنڌ جا تعليمي ادارا بند ڪري سنڌ جي تعليم کي هٿ سان تباھ ڪيو پيو وڃي ملڪ جي باقي صوبن جون درگاهون کليل آھن پر افسوس سنڌ جون درگاهون عام زائرين لاءِ بند ڪيون ويون آھن، درگاه حضرت سخي قلندر لعل شھباز جي مزار کي بند ڪري شھرين کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آھي سيوهڻ واسين جو گذر سفر جو واحد در قلندر جي مذار آھي جيڪو پڻ سنڌ حڪومت بند ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب سيوهڻ جا ماڻھون بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي پيا آھن، هنن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آھي پر حڪومت پاڻ ان ايس او پيز تي عمل نه پئي ڪري پوري ملڪ ۾ سياسي جلسا جلوس ٿي رهيا آھن اتي ڪرونا جي ڦھلجڻ جو خطرو ناهي باقي اگر سنڌ جون درسگاهون ۽ درگاهون کلن ٿيون ٿيون ته ڪرونا وائرس اچي وڃي ٿو ڪنهن غريب جو ٻار پڙهي ٿو ته يا ڪو عقيدتمند ڪنهن درگاھ تي حاضري ڏئي ٿو ته ڪرونا وائرس وڌڻ جو خطرو آھي، اڳواڻن وزير اعظم پاڪستان عمران خان، چيف جسٽس پاڪستان، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز شاھ، ايم اين اي سردار سڪندر راهپوٽو سوڌو ٻين وسوارن کي پرزور اپيل ڪندي چيو ته قلندر جي درگاھ سميت سنڌ جون سموريون درسگاهون کوليون وڃن ته جيئن سنڌ جي شاگردن کي بهترين تعليم ۽ عقيدتمندن کي فيض ملي سگهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان سيوهڻ واسين جي خوش نصيبي آھي ته سنڌ جو وڏو وزير سيوهڻ جو آھي وڏي وزير کي سيوهڻ جي غريب مسڪين ماڻھن جو احساس هجڻ گهرجي درگاھ حضرت سخي لعل شھباز قلندر جي بند ٿيڻ سان غريب ماڻھو پيٽ گذر لاء سخت پريشان آھن.
292