247

مالياتي بزنس جي شعبي ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 163.91 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مالياتي بزنس جي شعبي ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ جاري مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ گذريل مالي سال جي انهي ڀيٽ ۾ 163.91 سيڪڙو واڌ رڪارد ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيرپڪاري بورڊ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ کان آڪٽوبر 2020ع تائين جي عرصي ۾ فنانشل بزنس جي شعبي ۾ 118.5 ملين ڊالر سنئين سڌي پرڏيهي سيرپڪاري رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيڪا گذريل مالي سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 163.91 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ ملڪ ۾ مالياتي بزنس جي شعبي ۾ 44.9 ملين ڊالرن جي پرڏيهي سيڙپڪاري رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق آڪٽوبر 2020ع ۾ ملڪ م مالياتي بزنس جي شعبي ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري جو حجم 16 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. سيڙپڪاري بورڊ مطابق جاري مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ ملڪ ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري جو حجم 733.1 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي سال 20-2019ع ۾ ملڪ ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري جو حجم 2.561 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو