233

محبت سان هارايل بازي به کٽي سگهجي ٿي: اداڪاره هانيه عامر

اسلام آباد)(ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي ناليواري اداڪاره هانيه عامر چيو آهي ته محبت سان توهان ڪجهه به حاصل ڪري سگهو ٿا. هن چيو ته محبت هڪ اهڙو ذريعو آهي جنهن سان توهان هارايل بازي پڻ کٽي سگهو ٿا. جڏهن ته  نفرت سان  توهان کٽيل بازي پڻ هارائي سگهو ٿا. هن چيو ته نفرت اسان کي هڪ ٻئي کان پري ڪري سگهي ٿي ۽ ان سان اسان جو سڪون پڻ ختم ٿي ويندو آهي ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته محبت ورهايون ۽ ٻين کي پڻ ان رستي تي هلڻ جي هدايت ڪريون. هانيه عامر ڊرامه سيريل عشقيه ۾ نظر ايندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو