231

بغاوت جا ڪيس داخل ڪرڻ جا اختيار وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ صوبائي حڪومتن حوالي

اسلام آباد / لاهور (بيورو رپورٽ / م ڊ) وفاقي حڪومت بغاوت جا ڪيس داخل ڪرڻ جا اختيار گهرو سيڪريٽري ۽ صوبائي حڪومت حوالي ڪري ڇڏيا آهن.  پنجاب جي وڏي وزير بنا اجازت جلسو ڪرڻ تي ڪارروائي جو اعلان ڪرڻ سان گڏ پي ڊي ايم کي ڳالهين جي آڇ پڻ ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب وفاقي حڪومت رياست خلاف بغاوت ڪرڻ يا  بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ تي ترت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ  هنگامي بنيادن تي قانون ۾ ترميم ڪري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي ڪابينا کان سرڪوليشن ذريعي ان جي منظوري ورتي وئي. فوجداري ضابطي جي سيڪشن 196 هيٺ رياست خلاف بغاوت ڪرڻ يا بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ تي ترت ڪارروائي ڪرڻ بابت وفاقي حڪومت جو اختيار گهرو سيڪريٽري کي ڏنو  ويو آهي. جڏهن ته صوبائي حڪومتون به رياست خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائي سگهنديون. ذريعن موجب هاڻي لاڳاپيل عدالت گهرو سيڪريٽريءَ جي منظوريءَ  بنا داخل ٿيندڙ ڪيسن جو ٽرائل نه ڪندي.  هاڻي بغاوت جو ڪيس رڳو  گهرو سيڪريٽري ۽ صوبائي حڪومت جي منظوري سان ئي داخل ٿي سگهندو.  هن کان اڳ ڪابينا جي منظوري نه ملڻ سبب انهن ڪيسن جي پيروي غير قانوني ٿي ويندي هئي، تنهن ڪري حڪومت بغاوت جا ڪيس قائم ڪرڻ جو اختيار گهرو سيڪريٽري ۽ صوبائي حڪومتن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ٻي پاسي  لاهور  پوليس پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ نائب صدر مريم نواز ۽ ٻين کي ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو آهي. لاهور پوليس سڀني اڳواڻن کي لکت ۾ خط موڪلي دهشتگردي جي خطري کان آگاهه ڪيو آهي. سان پوليس چيو آهي ته 13 ڊسمبر جي جلسي ۾ دهشتگردي ٿيڻ  جو خطرو آهي، جنهن سان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي زندگين کي نقصان ٿي سگهي ٿو. پنجاب جي وڏي وزير  عثمان بزدار به مخالف ڌر کي ڳالهين جي آچ ڪري ڇڏي آهي. لاهور جي گنگا رام اسپتال جي دوري وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان بزدار چيو ته جيڪي معاملا آهن انهن تي ويهي ڳالهائي به سگهجي ٿو. ڪهڙي ايمرجنسي آهي جو مخالف ڌر ڪورونا ۽ دهشتگرديءَ جي خطرن باوجود جلسا ڪرڻ بند نه ٿي ڪري. ڪورونا تيزيءَ سان پکڙي رهيو آهي ۽ دهشتگرديءَ  جو خطرو پڻ موجود آهي، اهڙي صورت ۾  جلسا ڪرڻ عوام ۽ ملڪ لاءِ هاڃيڪار ٿي سگهن ٿا. مخالف ڌر عوام جي زندگين سان نه کيڏي، بنا اجازت جيڪو به جلسو ڪندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نيڪٽا ٻڌائي ڇڏيو آهي ته لاهور واري جلسي ۾ وڏا خطرا آهن، شاهه دره ۾ ڪيترائي دهشتگرد گرفتار پڻ ڪيا ويا آهن، ان جي باوجود جيڪڏهن ڪير پنهنجي ٻارن کي بچائي غريبن جي ٻارن کي خطري ۾ وجهڻ گهري ٿو ته حڪومت نه روڪيندي.  هن وڌيڪ چيو ته جيڪو به ريڊ لائين اُڪرندو ان جي خلاف ايڪشن ٿيندو.  مخالف ڌر جيترو چاهي زور لڳائي نتيجو ٻڙي ئي نڪرندو، مخالف ڌر جي سياسي ٻيڙي ڪُن ۾ ٻڏندي، ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي به خبر آهي ۽ دهشتگردي جي خطري بابت نيڪٽا جي هاءِ الرٽ جي به ڄاڻ آهي. ٻي پاسي هوابازي بابت وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪرپشن ۽ نئين اين آر او کان سواءِ اپوزيشن سان هر معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، ڳالهين جي آڇ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي لاهور جلسي جي سيڪيورٽي بابت نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) ۽ ٻين ادارن طرفان الرٽ آهي جنهن کان پي ڊي ايم جي قيادت کي آگاهه ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير  وڌيڪ  چيو  ته سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين جي پروپيگنڊه بي بنياد آهي. هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي هدايتن جي روشني ۾ پي ڊي ايم کي جلسي جي اجازت نه ڏني آهي.  هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر تڪرار چاهي ٿي پر حڪومت کيس اهڙو وجهه نه ڏيندي جڏهن ته قانون هٿ ۾ کنندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو