اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هوابازي بابت وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪرپشن ۽ نئين اين آر او کان سواءِ اپوزيشن سان هر معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، ڳالهين جي آڇ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي لاهور جلسي جي سيڪيورٽي بابت نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) ۽ ٻين ادارن طرفان الرٽ آهي جنهن کان پي ڊي ايم جي قيادت کي آگاهه ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين جي پروپيگنڊه بي بنياد آهي. هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي هدايتن جي روشني ۾ پي ڊي ايم کي جلسي جي اجازت نه ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر تڪرار چاهي ٿي پر حڪومت کيس اهڙو وجهه نه ڏيندي جڏهن ته قانون هٿ ۾ کنندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
