حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته اسان جلدي چونڊن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون پر ڪنهن غير جمهوري عمل جي حمايت نه ڪنداسين، سنڌ اسيمبلي ۾ اسان جا سڀئي 96 ميمبر استعفيٰ ڏيئي ڇڏيندا، اسان استعفائن وسيلي اسيمبلين کي کوکلو ڪري ڇڏينداسين. حيدرآباد ۾ رضوي هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نثار کهرو چيو ته شهيد بينظير پاڪستان ڀلائي لاءِ پنهنجي جان به خطري ۾ وجهي ڇڏي هئي، بينظير جي قرباني مان جمهوريت آئي پر هن حڪومت جمهوريت کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي تعزيتي اجلاس منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ پي ڊي ايم اڳواڻن کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. نثار کهڙي چيو ته جلسن سبب حڪومت بوکلائجي وئي آهي، چئن جلسن سرڪار کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ، عمران خان مشرف جي بي ٽيم نه ٿئي، جيترو جلسن کي روڪيو ويندو اوترو حڪومت جي ختم ٿيڻ جا ڏينھن ويجھو اچي رھيا آھن، تاريخ شاهد آهي ماڻهو جڏهن ٻاهر ايندا آهن ته گولين کان به نه ڊڄندا آهن هاڻي معاملو عمران خان جي هٿن کان ٻاهر آهي. پهريان اسان اين آر او نه چيو هو پر هاڻي قوم اين آر او جو مطالبو ڪري رهي آهي، اين آر او جو مطلب آهي نيازي کي هٽائڻ وارو آرڊيننس، ٻئي طرف پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ڪنور همير سنگهه ۽ تاج محمد ملاح نثار کهڙو کي پنهنجون استعيفائون پيش ڪيون آهن.
225