لاڙڪاڻو (رپورٽ: اياز ساريو) اوطاق مان گل ڇو پٽيئي؟لاڙڪاڻو ۾ بااثر پنهنجي عدالت لڳائي نوجوان کي ڪپڙن کان آجو ڪرڻ بعد سخت تشدد جو نشانو بڻائي وڊيو رڪارڊ ڪئي. ويڊيو وائرل ٿيڻ تي ايس ايس پي نوٽيس وٺي ڇڏيو، پوليس چئن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ٻه جوابدار گرفتار، گرفتار جوابدارن کي عدالت ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي لاڙڪاڻي شهر جي الله آباد ٿاڻي جي حد الهه آباد پاڙي ۾ بااثرن طرفان 22 سالن جي نوجوان رستم پٽ امير بخش کي مبينا طور اوطاق مان گل پٽڻ تي پڪڙي ڪپڙن کان آجو ڪري مينهن جي واڙي ۾ باندي بڻائڻ کان پوءِ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، اهڙي رڪارڊ ٿيل ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش نوٽيس وٺي ڇڏيو، جنهن تي پوليس واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن فرمان ابڙو ۽ سندس ملازم جاويد کوکر کي گرفتار ڪري الهه آباد ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ايس ايس پي جي هدايتن تي تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان جي پيءُ امير بخش ڪانڌڙو جي فرياد تي حد جي الهه آباد ٿاڻي تي گناهه نمبر 2020/89 قلم 292/A، 328/A، 292/B، 37F1، 506/2 34/2 تحت چئن جوابدارن فرمان ابڙو، سندس پٽ مزمل، جاويد کوکر ۽ علي ڏنو کوکر مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي، ٻئي پاسي الهه آباد ٿاڻي جي پوليس گرفتار ٻن جوابدار فرمان ابڙو ۽ سندس ملازم جاويد کوکر کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ٻنهي جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف معاملي بابت الهه آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او نيئر بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل جمعي ڏينهن شام ساڍي پنجين وڳي الهه آباد پاڙي ۾ نوجوان رستم علي ڪانڌڙو گل پٽيو جنهن تان گهر ڌڻي فرمان ابڙو ۽ ان جي ملازم جاويد کوکر نوجوان جي تذليل ڪري ڪپڙن کان آجو ڪري کيس تشدد جو نشانو بڻايو، اهڙي واقعي جو اطلاع ٿاڻي تي ملڻ شرط جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته نوجوان کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش نوٽيس ورتو آهي، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جن کي به تمام جلد گرفتار ڪيو ويندو.
