219

ڪراچي ۾ گهر کي باهه، ماءُ ڌيءُ سوڌو سڙي فوت، پيءُ ۽ پٽ زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب ماءُ ڌيءُ سميت سڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته پيءُ ۽ پٽ زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق لانڍي جي زمان آباد واري علائقي ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب 35 ورهين جي ريما ۽ سندس ڌيءُ 5 ورهين جي ابريش سڙي فوت ٿي ويون، جڏهن ته پيءُ ۽ پٽ زخمي ٿي پيا. پاڙيسرين مطابق گهر مان دونهون نڪرندي نظر آيو ته اسان مدد لاءِ جيئن ئي اندر پهتاسين ته ڀاتي سڙي چڪا هئا، باهه يو پي ايس مان ڀڙڪي جنهن پوري گهر کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو