287

خيرپور ڀرسان پراڻي سڱاوتي تڪرار تان پوليس اهلڪار ۽ عورت قتل، 2 ڄڻا زخمي

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ڀرسان پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار ۽ هڪ عورت کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. خيرپور ڀرسان ڳوٺ خانپور جوڻيجو ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هلندڙ جهيڙي 2 حياتيون کسي ورتيون آهن، هٿياربندن ڳوٺ خانپور جوڻيجو تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار نصر الله ولد عبدالله جوڻيجو ۽ عورت مومل موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس مطابق واقعي ۾ ملوث 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعو پراڻي سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو