اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) مينار پاڪستان تي اجازت نه ملڻ باوجود زبردست جلسو شروع ڪري ڇڏيو آهي، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز، محمود خان اچڪزئي، مولانا راشد خالد محمود سومرو، اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ، خواجا سعد رفيق، قمر زمان ڪائره ۽ ٻيا اسٽيج تي موجود آهن. جلسي ۾ هزارن جي انگ ۾ ڪارڪن موجود آهن جيڪي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي وزيراعظم عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. جلسي گاهه لاءِ 12 فوٽ مٿي ۽ 120 فوٽ ويڪرو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي ايڪوسائونڊ سسٽم پڻ لڳايو ويو آهي، جلسي گاهه ۾ 40 هزار کان وڌيڪ ڪرسيون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته جلسي گاهه کي مختلف پارٽين جي اڳواڻن جي قدآور تصويرن ۽ پارٽين جي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي، جلسي گاهه جا انتظام جي يو آءِ جي اڳواڻن مرڪزي سالار عبدالرزاق عبد لاکو حوالي ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ جي يو آءِ جي5 هزار رضاڪارن جلسي جي انتظام سنڀالي ورتا آهن.
