لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائره چيو آهي ته لاهور جا جيالا پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جو پُرجوش استقبال ڪندا، اڄوڪو جلسو حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندو، اڄ عوام ڪٺ پُتلي حڪمرانن کي الوداع ڪرڻ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شريڪ ٿي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو. گاريون ڏيندڙ حڪومتي برگيڊ جي عوام ۾ ڪابه حيثيت نه آهي، لاهوري اڄ مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري کان ڇوٽڪاري لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري ايندا. قمر زمان ڪائره جو چوڻ هو ته اسان ڪٺ پُتلي حڪمرانن کي ڪڍي ڪري ڪنهن جي مداخلت بغير چونڊيون چاهيون ٿا جيڪي ڪرائي رهنداسين.
277