258

هارين جو مودي سرڪار آڏو جهڪڻ کان انڪار، احتجاجي تحريڪ وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هارين مودي سرڪار جي تڪراري زرعي قانون خلاف احتجاج تيز ڪندي مودي سرڪار آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت ۽ هارين جي نمائندن وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ هارين احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق هاري اڳواڻن 14 ڊسمبر کان بک هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سڄي ڀارت جي هزارين هارين آچر کان ”دلي هلو“ تحريڪ شروع ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ڀارت جي مختلف رياستن مان احتجان ۾ شامل ٿيندڙ قافلن ۽ مظاهرن جي وڌندڙ شدت جي ڊپ سبب حڪومت نئين دهلي جي ايندڙ رستن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته نئين دهلي ۾ ڌرڻي ۾ موجود هارين خلاف آپريشن جو پڻ فيصلو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو