لاهور (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاران جلسي جي مانيٽرنگ لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪندي 150 کان وڌيڪ ڪئمرائون لڳايون ويون آهن، رينجرز طلب ڪندي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ميڊيا ذريعن مطابق ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون سياسي جلسن جي سرڪاري سطح تي ڪئميرائن جي ذريعي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن لاءِ ڊي سي آفيس ۾ ڪنٽرول روم تيار ڪيو ويو آهي، ضلعي انتظاميه پي ڊي ايم جي جلسي جي پل پل جي مانيٽرنگ لاءِ 150 کان وڌيڪ ڪئميرا لڳايا ويا آهن، امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ شهر ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حفاظتي انتظامن لاءِ رينجرز جي ٻن ڪمپنين کي طلب ڪيو ويو آهي، پهرئين مرحلي ۾ ايمرجنسي جي صورت ۾ رينجرز جا جوان چارج سنڀاليندا.
