264

بابر اعظم جي آڱوٺي ۾ فريڪچر، نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز مان ٻاهر

ڪوئنز ٽائون (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم هٿ جي آڱوٺي ۾ فريڪچر اچڻ سبب نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي. نيوزيلينڊ جي شهر ڪوئنز ٽائون ۾ نيٽ سيشن ۾ ٿرو ڊائون دوران هڪ بال بابر اعظم جي ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۾ لڳو، جنهن کي ترت اسپتال آندو ويو، جتي ڪرايل ايڪسري ۾ تصديق ٿي ته بابر اعظم جي آڱوٺي ۾ فريڪچر اچي ويو آهي. بابر اعظم هاڻي گهٽ ۾ گهٽ 12 ڏينهن تائين نيٽ پريڪٽس نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته هو ان دوران پنهنجي جسماني سکيا جاري رکندو، ان دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ميڊيڪل پئنل بابر اعظم جي انجري جو مسلسل جائزو وٺندي رهندو. بابر اعظم جي ان فٽ ٿيڻ سبب هاڻي نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز ۾ قومي ٽيم جي اڳواڻي شاداب خان ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو