305

لڙڪن سان لبريز خطن جو جائزو…!

ليکڪ: ڄام جمالي

ادب جي عمارت احساس تي تعمير آهي. اُهو احساس ئي آهي جنهن انسان کي حيوان کان افضل ۽ اعليٰ بڻايو آهي. هن دؤر جي نامور شاعر اياز گل احساس کي اهڙو ته اظهاريو آهي جو سندس هڪ ٻول سنڌيءَ جو قول ٿي ويو آهي ۽ هر ماڻهو بي حسي واري عمل کي ان جي لفظن ۾ ننديندي بيساخته چوي ٿو:

احساس بنا ماڻهو، اخبار پراڻي آ،

امر راءِ سنگهه راجپوت جو ڪتاب ”لُڙڪِن سان لبريز خط“ احساسن جي اپٽار آهي، جنهن ۾ لائق ليکڪ انهن ڪردارن ۾ پاڻ پيهي خط لکيا آهن، جن پٿر دل پڙهندڙن جون اکيون آليون ڪري ڇڏيون آهن. هن ڪتاب ۾ 29 ادبي خط آهن، جيڪي هڪٻئي کان وڌيڪ ويچارن ۾ ورچيل آهن. هن ۾ ڏاڍي سهڻي ٻولي ڏنل آهي، جنهن ۾ شاعراڻو سنگم ۽ ترنم آهي، جيڪو پڙهندڙ جي ذهن کي شاهوڪار ڪري ٿو، ائين کڻي چئجي ته هي ڪتاب خطن ۽ لطيف لغت تي ٻڌل آهي. هتي مان سندس ڪجهه خطن جو مختصر ذڪر ڪندس. پنهنجي ڀيڻ کي الوداع چوڻ لئه آيل ڀاءُ جو ريلوي پليٽ فارم تان سندس ماءُ ڏانهن خط، جيئري جدائي جو دل جهوريندڙ داستان آهي، ڪي مڪالما ته روح کي ريهون ڪرائن ٿا. خودڪشيءَ ڪندڙ عورت جي کيسي مان مليل خط، ڏک ۽ ڏڪر جو ڏکائيندڙ قصو آهي. ماءُ جيڪا ٻچڙي کي خوراڪ نه کارائي سگهي، سا فاڪي ۾ ڦاهو کائڻ کان نٿي رهي سگهي. هي خط رڃ ۾ ڪيل هيانءُ ڏاريندڙ رڙ آهي. آناٿ آشرم ۾ پليل هڪ ٻار جو پنهنجي اجنبي بابا کي لکيل خط، انسان جي اڻ اظهاريل درد جي ڪٿا آهي، جيڪا محروم ماڻهو ئي سمجهي سگهي ٿو. ها آئون ٿريو آهيان، هڪ ٿر واسيءَ جو کليل خط، حقيقت ۾ ٿر ۽ ڏڪر جو پاڻ ۾ پراڻو تعلق آهي ۽ ٿري ماڻهو ڏڪر ۾ زندگيون گذاري محرومين ۾ مرندا آهن. هي خط محرومين ۾ مرندڙ ماڻهن جو مرثيو آهي جيڪي برسات ۽ وسڪاري باوجود وياج جي وبا ۾ ورتل رهن ٿا ۽ اين جي اوز جي هٿان استحصال جو کاڄ ٿين ٿا. هن خط ۾ وياجين ۽ استحصالين جي ڪردارن کي وائکو ڪيو ويو آهي. ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا مريض جو پنهنجي محبوبا ڏانهن وارڊ مان لکيل خط، مصنوعيت جو مظهر آهي، ڇو ته ان ۾ شڪايت ۽ التجا آهي. حقيقت ۾ دل جي ڳالهه لفظن ۾ نه ڪري سگهبي آهي جيئن منهنجو انگريزي شعر آهي ته،

Love can behold

Through many a fold

Words ever fail to convey

What heart wishes to say!

سُنيتا راٺوڙ کي لکيل خط، سُنيتا جي سورن جو سنيهو آهي جنهن ۾ سندس ور جي زندگي جو ”عشق کان عذاب“ تائين جو دردناڪ داستان بيان ڪيل آهي. ان کانسواءِ سنڌ ڇڏي ويندڙ سوڍن کي سٻاجهڙي سنڌ جو معياري خط، ائين لڳو ڄڻ اُداس امڙ جو مفادپرست پٽن کي ڏکارو ڏوراپو هجي، هن خط ۾ وطن پرستي جا مفاد پرستيءَ سان مڪالما آهن جنهن ۾ لفظ ڄڻ منجهيل ماءُ جي لڙڪن جون لارون هجن. 71ع ۾ ڌرتيءَ مان دربدر ٿيل هڪ ڀيڻ جو رڪشه ٻنڌڻ تي ڀاءُ ڏانهن خط جي هر سٽ سڏڪا ڀرائيندڙ آهي. هن خط ۾ ولر کان وڇڙيل ڀيڻ ڀاءُ کي مخاطب ٿيندي چوي ٿي، ڪجهه ڏينهن اڳ وير پسلي ورت رکيو هيم (هي ورت سانوڻ جي مهيني ۾ ايندو آهي، جيڪو سانوڻ جي پهرين آچر تي ملهايو ويندو آهي، ڀينر پنهنجي ڀائرن لاءِ رکنديون آهن) سوپاري کي ست ٽڪر ڪرڻ لاءِ جيئن ئي هٿ ۾ مهري کنيم اکيون ڀرجي آيون، سوپاري ته نه ٽٽي پر منهنجو اندر 8 ٽڪر ٿي پيو. سوچيم سوپاريءَ جا ڳترا ته ڀائرن کي ڏيڻا آهن، سو منهنجو ڀاءُ ته سرحد جي هن پار آهي، آئون سوپاري ڪنهن کي ڏيندم؟ ان ڏينهن سڄو ڏينهن رني هيس.

لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ۾ ڀري محفل ۾ گولي لڳڻ سبب مارجي ويل فنڪارا سان مخاطب ٿيندي ليکڪ لکي ٿو ته ”ثمينه تون جيڪا سرن جي سفير هئينءَ، سرن جي سماع ۾ صوفي پنهنجا پراڻ پرميشور کي سونپيندا آهن. سر جيڪي سرسوتي دين آهن، سر جن کي سُڻي آتمائون آنند پائينديون آهن. سر جن تي ماڻهو سرَ ڏيندا آهن. تنهنجي هنيانءَ ڏاريندڙ هتيا تي رڳو ٻيجل جو سرندو سوڳوار نه آهي پر جهونا ڳڙهه جي سخي راءِ ڏياچ جو روح، ستي سورٺ جي آتما سميت سنڌ جي هر ان دل سان تعزيت ڪئي آهي جنهن ۾ تنهنجي موت جو تڏو وڇايل آهي، تنهنجي ناگهاني موت تي نه رڳو موهن جي دڙي جي ناچڻي ڇيرون ڇوڙي سوڳ ۾ سُتي آهي پر بندرا بن جي راڌا کي پڪاريندي ڪرشن جي مرلي به ماٺ آهي، تنهنجو موت ٻٽيهه راڳڻين جو موت آهي. سينيٽر ڪرشنا ڪماري ڪولهيءَ کي خط ته ٿر واسين جو وڪالتنامو آهي. هن خط ۾ ليکڪ ڪرشنا ڪماري سان مخاطب ٿيندي کيس چوي ٿو ته تون جيڪا روپلي جي وارث آهين تنهنجي رڳ رڳ ۾ پارڪر جو پاڻي رت بڻجي ڊوڙي رهيو آهي، جنهن سوڍن سان گڏجي انگريزن کي قابلي چڻا ڇٻڻ تي مجبور ڪيو هو. برما جي نام نهاد جمهوري اڳواڻ آنگ سانگ سوچيءَ ڏانهن لکيل خط ۾ ان کي مخاطب ٿيندي ليکڪ سندس ضمير کي جنجهوڙيندي چوي ٿو ته سڄي عمر جمهوريت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ڪهڙي اسرار ۾ گم آهين؟ اسان کي تنهنجو آواز کپي. ٻيا خط به ايترائي احساسن سان ڀريل آهن. اُهي خط به دردمند ديس واسين جون دانهون ۽ آهون آهن جيڪي ليکڪ لڙڪ لاڙيندي لکيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو