159

پرڏيهي طاقتن مخالفن کي ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي: شاهه محمود قريشي

ملتان ( ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر کي پرڏيهي طاقتن طرفان ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، ملتان ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم ۾ استعيفائن سوڌو ٻين ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف واضح نظر اچي رهيا آهن، پي ڊي ايم ٽولو هڏڪيون کائي رهيو آهي، جنهن کي واپسي جو رستو نه ملندو، هن چيو ته مخالف ڌر ڪيترو به گوڙ ڪري، پر انهن کي ملڪ جي ڦريل ملڪيت جو حساب ڏيڻو پوندو. ٻئي طرف ڀارت کي چتاءُ ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير هاڻي خطو نه پر عالمي آواز بڻجي چڪو آهي، جنهن ڀارت جو بدصورت چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو