ليکڪ: فرحان تنيو
جيڪڏھن ڪير اهو سوال ڪري ته پاڪستان جي سياست ۾ پنهنجي تڪراري بيانن ۽ معنيٰ خيز جملن جي واهپي سبب ڪهڙو سياستدان هڪ ئي وقت مشھور به آھي ته وري بدنام پڻ ته آئون سمجهان ٿو جواب صرف شيخ رشيد ايندو. تازو ڪپتان سرڪار جي ڪيبنيٽ ۾ گهرو وزير طور شامل ٿيڻ سندس هڪ وڏي سياسي ڪاميابي طور ڳڻي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته عمران خان پرويز مشرف جي دور ۾ ھڪ ٽاڪ شو دوران شيخ رشيد جي موجودگي ۾ اهي لفظ چيا هئا ته هو ”شيخ رشيد جهڙي شخص کي پنهنجي آفيس ۾ پٽيوالو به مقرر نه ڪري“ پر وقت وڏي ظالم شيِءِ آھي ڦرندي ۽ ماڻھن کي ڦيرائيندي دير ئي ناهي ڪندو، اڄ چٽو مثال سڄي قوم جي سامهون آهي ته ساڳيو ماڻهو ان ئي عمران خان جي ڪابينا جي اهم ترين ميمبر طور ترقي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. بهرحال شيخ رشيد کي ملڪ جو گهرو وزير بڻائڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي ۽ ڇا برگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاهه گهرو وزير طور ”ڊليور“ نه ڪري سگهيو جو کيس هٽائي ٻيو قلمدان سونپيو ويو؟ اهي ۽ ڪجهه اهڙا ٻيا سوال اڄڪلهه سياسي حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻيل آھن پر شيخ رشيد جي آمد جو مکيه ڪارڻ وري به گڏيل مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم جي ان تحريڪ کي قرار ڏنو پيو وڃي. جيڪا هن وقت پنهنجي پوري جاهه ۽ جلال سان اڳتي وڌندي نظر اچي رهي آھي ۽ ڪراچي، ڪوئيٽا سميت مختلف شھرن ۾ ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ بعد اڄ پنجاب جي گادي واري شھر لاهور ۾ پڻ مينار پاڪستان اڳيان جلسو ڪيو پيو وڃي. شيخ رشيد احمد جي ٽريڪ رڪارڊ تي نظر وجهڻ کانپوءِ اڪثر سياسي تجزئي نگار ۽ مبصر ان راءِ جا آھن ته ڪپتان ھن موڙ تي پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪري نوان پتا کيڏڻ چاهي ٿو ان ئي رٿابندي تحت شيخ رشيد احمد کي پهرين مهري طور ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، جيڪو ظاهر آھي ته پنهنجي مخصوص اسٽائل ۾ اپوزيشن کي للڪارون ڪندي، ڌمڪيون ڏيندي ۽ ڊيڄاريندي به نظر ايندو ته وري امن پسنديءَ جا ڀاشڻ به سندس واتان ٻڌڻ لاءِ ملندا، جڏهن ته اِهي به ڳالهيون منظر تي اچي رهيون آهن ته وزيراعظم عمران خان اهڙو فيصلو ڪري پنهنجا اڌ اختيار يا اڌ حڪومت ختم ڪري ڇڏي آهي. ڇو ته شيخ رشيد پنهنجي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن به پارٽيءَ سان وفاداري ناهي ڏيکاري ۽ هُو وزيراعظم جو نه پر ٻين ڌرين جو ماڻهو آهي ۽ گهرو وزارت جو قلمدان وٺڻ کانپوءِ به هُو سڌو وزيراعظم هائوس جا حڪم مڃڻ بدران اصل هنڌن تي رپورٽ ڪندو، جڏهن ته سندس سخت قدم ڪنهن به ريت حڪومت جي مفاد ۾ نه ويندا. هوڏانهن مخالف ڌر خلاف سخت قدمن واري آپشن تي حڪومت کان اتحادي ڌريون پڻ ناراض آهن. خاص ڪري پنجاب جي اهم پارٽي (ق) ليگ کي حڪومتي قدمن جي حوالي سان سخت خدشا آهن، جنهن جو ذڪر پارٽيءَ جو عهديدار ۽ اڳوڻو وفاقي وزير ڪامل علي آغا ڪري چڪو آهي. بهرحال شيخ رشيد احمد جي گهرو وزير طور مقرري انيڪ نون سياسي انومانن انديشن خدشن ۽ اڻ ڳڻين سوالن کي ضرورو جنميو آھي، جن جا جواب في الحال ته حڪومتي ڌر نه ڏيڻ چاهيندي پر وقت گذرڻ سان گڏ هر شيءِ چٽي ٿيندي ويندي ڇاڪاڻ ته ملڪي سياسي تاريخ ۾ ٺهيل هي اپوزيشن جو ڪو پهريون اتحاد ناهي جنهن کي ڪچلڻ لاءِ اڍنگا ۽ ٻاراڻا عمل جهڙوڪ ( مينار پاڪستان گرائون کي پاڻي پاڻي ڪري ڇڏڻ. ڊي جي بٽ کي گرفتار ڪرائڻ يا وري مريم نواز کي کاڌو کارائڻ جي ڏوهه ۾ ھوٽل مالڪ تي ڪيس داخل ڪرڻ) اختيار ڪيا پيا وڃن پر ويجهي توڙي ڏور ماضيءَ ۾ به اهڙيون شيون نظر اچن ٿيون پر هتي وزيراعظم عمران خان جي اها سياسي دعوي ٰ به شدت سان ياد اچي ٿي ته جڏھن صاحب موصوف اپوزيشن کي ڌرڻو هڻڻ جي آڇ ڪندي ڪنٽينر ۽ کاڌو فراهم ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي هئي پر هڪ هڪ ڪري هو پنهنجي پوين سمورين دعوائن تان ڦري اپوزيشن کي کاڌو کارائڻ ته پري جي ڳالهه پر ڊائننگ سروس فراهم ڪندڙ ھوٽل مالڪن تي به ڪيس داخل ڪرائي رهيو آھي. خير! سئو ڳالهين جي هڪ ڳالهه ته گڏيل مخالف ڌر جي حڪومت مخالف تحريڪ جي عروج دوران شيخ رشيد کي گهرو وزير طور ميدان تي لاهڻ جو ڪارڻ کانئس ڪو ”وڏو ڪم“ وٺڻ آھي پر ڏسڻو اهو آھي ته شيخ صاحب ڇا ٿو ڪري؟