ليکڪ: غضنفر سولنگي
سنڌ جي سونهن ڀري ڌرتي تي هونئن ته هزارين شاعر آيا ۽ ايندا رهندا پر تاجل بيوس جو انداز ئي نرالو رهيو، هو ليکڪن جو سرتاج هو، نالي جي مثل هي تاج محمد ولد محمد جعفر سمون 22 سيپٽمبر 1938ع تي تعلقي سوڀيديري ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. ميٽرڪ جو امتحان 1959ع گمبٽ مان پاس ڪيائين. ان ئي سال انگريزي ماستر ٿيو، اها نوڪري هن 8 سالن تائين ڪئي، پڙهائي دوران بي اي 1965ع ۾ ايم اي (اقتصاديات) 1968ع ۾ خانگي طور تي پاس ڪيائين. 1968ع ۾ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۾ اِي سي او مقرر ٿيو، انهي وچ ۾ گڏيل قومن طرفان فيلو شپ منظور ٿيڻ تي ٽوڪيو (جاپان) ويو. 1973ع ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران ٻيهر چونڊجي وڃڻ ڪري پاڪستان جي خزاني واري وزارت ۾ ڪارپوريٽ لا-اٿارٽي جو اسسٽنٽ چيف مقرر ٿيو، جتي آخر ۾ چيف رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان 1998ع ۾ رٽائر ٿيو. ادبي حوالي سان تاجل بيوس پنهنجي استاد فقير الهندو جتوئي کان متاثر ٿيو ۽ سائين جي صحبت ۾ رهندي صوفياڻي شاعري پڙهڻ لڳو ۽ علمي ۽ ادبي ڪچهري سان گڏ يڪتاري جي تند تنوار گهڙي تي عارفاڻو ڪلام ٻڌندو هو، اتان کان ئي کيس شاعري ۽ موسيقي جو عشق لڳو، انهن ئي ڏينهن ۾ دوست جي وڇوڙي تي پهريون ڀيرو هي شعر لکيائون.
ايڏا ڏينهن ڇا کنئون وڌا ٿي الڻ، نه نياپا سنيها مڪا ٿي الڻ،
وساري ڌڪاري وڇوڙو ڏئي، وئين يار جاني جدا ٿي الڻ.
تاجل بيوس جي شروعاتي شاعري 1962ع ڌاري ”نئين زندگي“ ۾ ڇپي، بيوس جو پهريون مجموعو ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ 1982ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ بيت، وايون، غزل، گيت، نظم، آزاد، نظم، قطعا ۽ ڪافيون شامل هيون، ٻيو ڪتاب ”انبن جهليو ٻور“ 1983ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو شاعراڻو نثر آهي، جنهن ۾ هن نثري ٽڪرن ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. تاجل بيوس جي شاعري جي 14 مجموعن کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جيڪي هن ريت آهن، جڏهن ڀونءَ بڻي (1982ع) انبن جهليو ٻور (1983ع) سرجندڙ ساڻيهه جا (1985ع) سنڌ منهنجي امان 1989ع) ڪاڇي مٿان ڪونج (1990ع) ڪنڌيءَ ڪؤنرترن (1991ع) ڪنڌيءَ اَڪ ڦلاريا (1992ع) صحرا ستر جن (1996ع)، تنهنجا نيڻ غزل (1996ع) وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز ۽ تاجل بيوس جو ڪلام )، ڏوريان ڏوريان مَ لهان (مٿين 9 ڪتابن جو گڏيل مجموعو (1997ع) چپ انجيل جي حاشين جهڙا (2004ع) سون سريکا چارسين (2004ع) پکي ساڳئي پار جا (تاجل ۽ شيخ اياز جون چونڊ وايون 2003ع) تاجل بيوس جو رسالو (2007ع). تاجل بيوس جي اردو شاعريءَ جا پڻ ٻه مجموعا ڇپيل آهن، جن مان پهريون ڪتاب ”سرخ گلابون ڪي موسم“ آهي، ٻيو مجموعو ”انداز بيان اور“ (1997ع) اردو غزلن تي مشتمل آهي، تاجل بيوس نثر ۾ مضمون، ڪهاڻيون، ڪالم، سفرناما، آتم ڪٿا، به لکيا آهن. جن جا پڻ ڪافي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. جيڪي هن ريت آهن.
1. آريجن کان الهاس نگر تائين (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) 2. ڏور به اوڏا سپرين (انڊيا جو سفر نامو) 3. اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو (انڊيا جو سفر نامو) 4. سج، چنڊ ڪتيون، تارا (سوانحي مضمون) 5. انگريزي شاعري جي تاريخ، 6. ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي: ڀاڱو پهريون) 7. ڏک سکن جي سونهن (ڀاڱون ٻيو ۽ ٽيون)، 8. جڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون). پاڻ مڃتا طور ڪيترائي انعام حاصل ڪيائين، جيئن سگا پاران گولڊ ميڊل (1983ع)، پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان فرسٽ پرائيز (1983ع) سهيوڳ فائونڊيشن ممبئي (ڀارت) وٽان نارائڻ شيام (Award of great poet-1997) اهم آهن. سنڌ جو هي سدا سهڻو رهندڙ شاعر اسان جي پاڙي جو نرالو نالو هيو جيڪو 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪري ويو کيس ڪراچي جي چوڪنڊيءَ ۾ دفنايو ويو.