211

پيار ۽ وفا جي قيدي عورت…

ليکڪ: عرفانه ملاح

ڪجهھ مامعلا انتھائي نجي سطح جا ھوندا آھن جن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. پر ڪجهه ڏينهن کان مسلسل ان سماج جي مردن جا اسٽيٽس پڙھي رھي آھيان جيڪي ڪنھن عورت کي اڪيلو رستي تي ھلڻ به نه ڏيندا آھن ،جيڪي روز عورتن جي ڪاري ٿي مرڻ تي ھڪ جملو به نه لکندا آھن، ۽ جيڪي پھنجي معاشقن جا داستان ببانگ دھل ٻڌائي پنھنجي مردانگي تي فخر ڪندا آھن، جيڪي زبردستي عورتن کي نمبر ڏيندا آھن ۽ انباڪس ۾ ميسيج ڪندا آھن. اھي ساڳيا ئي مرد اڄ فيس بوڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا سائيٽس تي ھڪ عورت جو سنگسار ڪري رھيا آھن، ھن ته ڪنھن معاشقي جو داستان به نه ٻڌايو آھي، نه ئي ھن ڪنھن سان ڌوڪو ڪيو آهي، ھن ته پنھنجي زندگي جو فيصلو ڪيو آھي ته ايمانداري سان ان شخص سان سماج جي مروج قانون مطابق شادي ڪري رھي، جيڪو ھن جي دل ۾ آھي يا جنھن سان ھوءَ ھاڻي پيار ڪري ٿي،ڇا ھوءَ عام مردن وانگر شادي سان گڏ افيئر ھلائي ھان ته قبول ھجي ھان؟ لوڪ کان لڪي ڪنھن ٻئي مرد سان تعلق رکي ھان ته  بھتر ھجي ھان؟ پر سچائي سان ان تعلق کي ختم ڪري ، پنھنجي نيڪ نيتي سان جيڪڏهن ٻئي مرد سان نڪاح ڪيو ته ڏوھ ٿي پيو، سنيتا/ سونيا تي پھريون پٿر اھو مرد ھڻي جيڪو پاڻ پنھنجي ڪوجھي يا جسماني معزور زال سان ته ڇڏيو پر ھڪ پڙھيل لکيل  خوبصورت زال سان سچو رھيو ھجي ۽ حلفيه ان ڳالهھ جو اقرار ڪري ته ھن شادي کان ٻاھر ڪنھن عورت سان ڪڏھن ڪوبه تعلق نه رکيو آھي يا افيئر نه ھلايو آھي ،يا شادي شده ھجڻ جي باوجود هن ڪنهن به  عورت ڏانھن اک کڻي نه ڏٺو آھي،ٻيو پٿر اهو مرد اڇلائي جيڪو پيار جو ايترو احترام ڪندو ھجي جو جڏھن ھن جي ڌيءَ، يا ڀيڻ پيار ڪري ته ان پيارجي احترام ۾ فورن سندس شادي ڪرائي ڇڏي. ڇو ته اڄ گھڻا ئي مرد پيار جو نوحو لکي رھيا آھن ۽ ان جي عظمت جا گيت ڳائي رھيا آھن. جي پيار ايترو لازوال ، مقدس ۽ عظيم آھي ته هو پنھنجي گھر جي عورت جي پيار جو ايترو ئي قدر ڇونه ٿا ڪن جيترو کين ٻئي مرد ۽ عورت جي پيار جو درد آھي؟ ٽيون پٿر اھو مرد ھڻي جنھن پنھنجي جسماني معزور زال جي اٺ سال سچائي سان خدمت ڪندي گذاريا ھجن ۽ ٻي عورت سان رابطو، واسطو رکڻ يا ٻي شادي ڪرڻ جو نه سوچيو ھجي، نه ئي ان دوران ٻي شادي ڪئي هجي، جيڪڏھن اھي سڀ رويا توھان ۾ موجود آھن ته پوءِ پيار جي درد جو نوحو پنھنجن پاروٿن لفظن سان لکي سگھو ٿا، پر جي توھان سمجھو ٿا عورت توھان جي پاران طئي ڪيل ڪنھن پدرشاھي اخلاقيات يا محبت جي سرٽيفڪيٽ جي محتاج آھي ته  توھانجي ڀل آھي، سونيا/ سنيتا شروع کان ئي ھڪ سچي ۽ بھادر عورت رھي آھي، جنھن پنھنجي مرضي سان پنھنجي پيار سان وفاداري ڪئي آھي، ڪنھن فرد سان نه، پھرين به ھن پيار وارو رشتو رکيو ۽ خوب نڀايو، ھاڻي به ھن دنيا ۽ روايتي ڍونگي سماج جيڪو عورت کي پنھنجي ملڪيت سمجھي ٿو ان کي ٿڏي پنھنجي زندگي جو سچائي سان فيصلو ورتو آهي،کيس جس ھجي جو ھن ڪوڙي ۽ ڏيکاءَ واري نڀاءَ کي پٺي ڏني،جتي پيار بدران سماجي دٻاءَ ۾ ماڻھون گڏ ھجي، دل ھڪ جاءِ تي ته جسم ٻي ھنڌ ھجي،اھڙو ور جيڪو ڏم وانگر پاسي ۾ ڏکندو ھجي ان کان بھتر آھي ته سھڻي وانگر گھڙو کڻي درياءَ ۾ گھڙي پئجي. رھي ڳالهھ ته ھن ديپڪ سان بي وفائي ڪئي ته اھو طئي ڪرڻ وارا اسان ڪير آھيون؟ بي وفائي تي اھا ھجي ھاجو ھوءَ ديپڪ کي ڌوڪو ڏئي ھان ، ھن کي ٺڳي ھان ، ھو ته کٽ تي ويٺل آهي  سنيتا چاھي ھا ته ڪيترن ئي مردن وانگر افيئر،مڙس ۽ سماج کي گڏ ھلائي ھا ۽ سڀني وٽ سرخرو ھجي ھان، ھن ته سچائي سان اظھار ڪيو ته ھوءَ ھاڻي ديپڪ سان پيار نه ٿي ڪري جنھن ڪري ان رشتي ۾ رھڻ بي ايماني ھوندو، جيڪڏھن ديپڪ جو ساڻس پيار ھجي ھا ته ھو کيس ائين واڳن جي وات ۾ نه اڇلائي ھا، ۽ ائين نه لوئي ھا جئين ھن مھل ھر ماڻھون پاڻ کي اھل ٿو سمجھي ته ھو سنيتا کي طعنا ڏئي ۽ ديپڪ کي ھيرو چوي، ديپڪ ته پنھنجي مردانگي جي زخمي ٿيڻ جو بدلو ھڪ ناڪام عاشق جي روپ ۾ وٺي رھيو آھي،جڏھن ديپڪ جو واقعو ٿيو ھو ته ھن جو نالو پوليس فائيل ۾ ھڪ ڏوھاري جي طور تي داخل ھو ، اھا سنيتا ئي ھئي جيڪا بھادري سان ننڍڙي عمر ۾ ديپڪ جي اصلي تعارف جي بچاءَ لاءِ ميدان ۾ لٿي، جيڪڏھن روايتي زال وانگر ھوءَ گھر ۾ ھجي ھا ۽ خاموش رھي ھا ته شايد ڪير کيس ميار به نه ڏئي ها، نه ئي شايد ديپڪ ايترو چاڪ چڱو ٿئي ھان، جواني جا خوبصورت اٺ سال ھن نينگري ديوانن وانگر ديپڪ جي خدمت ڪئي، ڪورٽن ۾ رلي، ماڻھن کا فنڊ گڏ ڪيا، آپريشن ڪرايا، اسپتالن ۾ رھي، ان سڄي عرصي ۾ سنيتا کان سواءِ ديپڪ جو ساٿ ڪنھن پئي ڏنو، ڪھڙا ماڻھون ھئا جيڪي ڏينھن رات ساڻس گڏ هئا، شاباش آھي ان ڇوڪري کي جنھن اھي ڏکيا مرحلا پنھنجي ھمت ۽ حوصلي سان پار ڪيا،ديپڪ جو درد ۽ داستان دنيا تائين سنيتا جي اکين جي لڙڪن ئي پھچايو ، ۽ ديپڪ جي دامن تي لڳل ھر داغ کي سنيتا ئي صاف ڪيو ،پر ڪنھن سنيتا کان پڇيو ته ھن جيڪو بت تراشيو اھو سندس خدا ته نه ٿي ويو آھي، ھن جنھن ماڻھونءَ کي زندگيءَ جو حوصلو ڏنو اهو ڪٿي سندس حوصلا شڪني ته نه ڪرڻ لڳو آھي؟ ڪنھن سنيتا کان پڇيو ته پيار جي اھا ريشمي ڏور سندس پيرن جي زنجير نه ٿي پئي جيڪا ھوءَ ڇنائي نڪتي آھي ،سنيتا پنھنجا سڀ فرض پورا ڪيا، ھن ديپڪ کي ھڪ نئين زندگي ، ۽ اصلي سڃاڻپ واپس ڪرائي ڏني، پر ڇا ھن کي ڪوبه حق نه آھي جو ھوءَ پنھنجي زندگي جئي، ڇا ڪنھن ماڻھون سان محبت جو مطلب اھو آھي ته ھوءَ تاحيات ان محبت جي غلام ٿي وڃي، جڏھن محبت ۾ دنيا داري ۽ مصلحت اچي ته بھتر نه آھي ان کي الوداع ڪجي؟ ڇا جيڪڏھن سنيتا انھن حادثن مان گذري ھان تي ديپڪ ٻي شادي نه ڪري ھان؟ مرد جي ٻي شادي لاءَ ته زال جو جسماني طور اسپيشل ھجڻ به ضروري نه آھي، ساڳي ئي مرد کي دھلن شرنائين سان  پرڻائي ايندا آھن مائٽ، پر عورت جيڪڏهن  اھڙو فيصلو ڪيو آھي ته ھن سماج تي آسماني بجلي ڇو ڪري پئي آھي؟ يقينن ھنن کي پيار لاءِ ڪا به ھمدردي نه آھي پر ھن سماج ۾ عورت جيئن ته  مرد جي ملڪيت آھي ان جي مالڪي ڪيئن ختم ٿئي، ان جو کين جو اونو وڌيڪ آھي، سنيتا، ديپڪ سان پيار جي رشتي ۾ ٻڌل ھئي ، ڪنھن سماجي رشتي جي ڪري گڏ نه ھئي، جڏھن پيار نه رھي ته پوءِ رشتا ڪھڙي ڪم جا، ڪوڙ واري رشتي ۾ رھڻ کان ھن انڪار ڪيو آھي، اهو ھن جو بنيادي حق آھي ۽ ان سطح تي پھچڻ ۾ هوءَ جن به داخلي انتشارن مان گذري ھوندي اهو سڀ صرف ھوءَ ئي ڄاڻي ٿي، اسان کي ان تي ويھي ٽيڪا ٽپڻي کان پاسو ڪرڻ گھرجي، پيار داخلي عمل آھي ۽ پيار لازوال نه آھي، پيار ختم به ٿي ويندو آھي ۽ پنھنجي شڪل به مٽائي ويندو آھي. بيوفائي جو مطلب آھي ڪنھن سان ڌوڪو ڪرڻ، باقي اھو اقرار ڪرڻ ته ساڳي شخص سان ساڳيو پيار نه رھيو آھي ته، ان ۾ ڪھڙو ڏوهه آھي؟ ڪيترا ئي پيار جا رشتا ختم ٿيندا رهندا آھن، ڪيتريون ئي لو ميريج ناڪام ٿينديون آھن، جڏھن ماڻھون گڏ رھندو آھي ته هڪ ٻئي جي حقيقي خبر پوندي آھي ۽ بريڪ اپ ٿيندا آھن، جيڪو نارمل ۽ نيچرل عمل آھي ، پوءِ سنيتا پويان ايتري باھوڙ ڇاجي لاءِ آهي؟ پيار کي خارجي اک سان ماپڻ جي ڪوشش نه ڪيو ۽ ان کي ھڪ نارمل بريڪ اپ سمجهي سنيتا کي جئڻ ڏيو، ھن لاءِ زندگي وڌيڪ زھر نه ڪيو، ديپڪ کي به جسماني معزور سمجھي رحم نه کائو، ھو ھڪ مڪمل انسان آھي ۽ رحم واري رشتي کان ھن کي به اصلي رشتي ڏانھن وڃڻ گھرجي، ھن کي به حق آھي ته پنھنجي زندگيءَ جو ساٿي تلاش ڪري، جيو اور جيني دو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو